English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عام چونڊن جي تيارين بابت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ماسٽر ٽرينرن جو ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ شروع
views
|
20th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي جي 12 ماسٽر ٽرينرن ۽ سجاول ضلعي جي 11 ماسٽر ٽرينرن کي چونڊ معاملن بابت تربيت ڏني پئي وڃي: عذرا مھيسر
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) عام چونڊن جي تيارين بابت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ماسٽر ٽرينرن جو ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ شروع، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايت تي پوري مُلڪ جيان ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ماسٽر ٽرينرن جو ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل ليڊ ٽرينر عذرہ مھيسر جي سربراھي ۾ دربار هال مڪلي ۾ شروع ٿي ويو آھي جيڪو 22 سيپٽمبر 2023 تائين جاري رھندو جنھن ۾ ٺٽي ضلعي جي 12 ماسٽر ٽرينرن ۽ سجاول ضلعي جي 11 ماسٽر ٽرينرن کي چونڊ معاملن بابت تربيت ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي عذرا مهيسر چيو ته تربيت يافته ماسٽر ٽرينر تربيت حاصل ڪرڻ بعد ھو پولنگ آفيسرن ۽ عملي کي تربيت ڏيندا ته جيئن پولنگ جو عمل بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهن ۽ کين ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي. ليڊ ٽرينر عذرا مهيسر چيو ته صاف، شفاف، منصفاڻہ ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته چونڊن جي جهموري عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ عملي جي تربيت تمام ضروري آهي ته جيئن چونڊون خوش اصلوبي سان مڪمل ٿي سگهن. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن ۽ تعليم کاتي جا عملدار پڻ ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
thatto
sajawal
election
0 تبصرے