ٺٽي ۾ مقرر ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

عوام جي جائز مسئلن جي فوري حل لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ورتيون وينديون: عبداللھ جاکرو

ٺٽي ۾ مقرر ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي ۾ نئين مقرر ٿيل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عبداللہ جاکرو پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي باقاعده ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اڪائوٽس آفيسر چيو آھي تہ عوام جي جائز مسئلن جي فوري حل لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ورتيون وينديون. هُن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي عملدارن ۽ ملازمن سان ملاقات ڪندي چيو ته سمورا عملدار ۽ ملازم بنا ڪنهن فرق جي عوام سان پيار، محبت ۽ شفقت سان پيش اچن ۽ پنهنجا فرض ايمانداري، سچائي ۽ نيڪ نيتي سان سرانجام ڏين ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو نه پوي. ھُن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سندس آفيس جا دروازا هر وقت کليل آهن.