English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ونڊ پراجيڪٽن جي ملازمن جو احتجاجي مظاھرو
views
|
17th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ننڍن ملازمن توڙي سيڪيورٽي گارڊن پاران جهمپير لڳ سچل ونڊ آنرجي ڪمپني جي گيٽ آڏو احتجاج
ٺٽو(ڊر) تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم مختلف ونڊ پراجيڪٽن ۾ ڪم ڪندڙ مقامي ننڍن ملازمن توڙي سيڪيورٽي گارڊن کي اڳوڻي سنڌ سرڪار پاران اعلانيل 35 ھزار روپيہ اجورو، بونس سميت ٻيون ڪي بہ مراعتون نہ ملڻ خلاف متاثر ٿيل پورھيت سراپا احتجاج بڻجي جهمپير لڳ سچل ونڊ آنرجي ڪمپني جي گيٽ آڏو ھڪ احتجاجي مظاھرو پورھيت اڳواڻ سونھارو چانگ، عبدالخالق چانگ، محمد عيسيٰ چانگ جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ھو ڪيترن ئي سالن کان ڪمپني ۾ ملازمت ڪندا پيا اچن، پر اڃان تائين ھن وڌندڙ مھنگائي باوجود نہ سندن پگھارون ٿيون وڌايون وڃن ۽ نہ ئي کين بونس سميت ٻيون ڪي مراعتون ٿيون ملن، ھنن چيو تہ گذريل سنڌ حڪومت پورھيتن تي 35 ھزار روپيہ پگھار ڪئي ھئي پر کين اڃان تائين 15 ھزار روپيہ ڏنا ٿا وڃن، جنھن مان سندن گھر جي ھڪ وقت بہ چلھ نٿي ٻري، جڏھن تہ ڪمپني جي آيڊمن جو مقامي پورهيتن سان رويو بہ بهتر ناھي، ڪمپني انتظاميہ رڳو غير مقامي پورھيتن کي نوازڻ ۾ پوري اھي، جيڪا مقامي پورھيتن سان وڏي ناانصافي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن سندن پگھارون وڌائي کين بونس سميت سموريون مراعتون ڏنيون وڃن، ٻئي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن احتجاج جاري رھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
thatto
Wind
project
compny
0 تبصرے