English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو جوائننگ آرڊر نھ ملڻ خلاف احتجاج
243 views
|
17th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود ھن وقت تائين آفر آرڊر ناھن ڏنا ويا، پريشاني جي ور چڙھيل آھيون: اميدوار
نوشھروفيروز ( ڊ ر) آئي بي اي ٽيسٽ پاس PST ۽ JEST اميدوارن پاران جوائننگ آرڊر نه ملڻ ۽ هلندڙ پراسيس کي فريز ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري ۾ مورو۔ مٺياڻي۔ نوشھروفيروز سميت سڀني تعلقن سان تعلق رکندڙ اميدوارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري جي اڳواڻي سيد وسيم شاه۔ آصف رند۔ دلمراد جتوئي۔ امتياز سولنگي۔ عرفان چوهاڻ۔ نجيب الله سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪري آفر آرڊر حاصل ڪيو آهي پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود اسان کي جوائننگ نه پئي ڏني وڃي جيڪا اميدوارن سان وڏي ناانصافي آھي۔ هنن چيو ته سنڌ حڪومت ھلندڙ پراسس تي پابندي ھڻي سنڌ جي نوجوانن سان ظلم ڪيو آھي. ڪيترائي نوجوان جوائننگ آرڊر نه ملڻ ڪري ذهني مريض بڻجي چڪا آهن ته ڪيترائي اميدوار بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن۔ مظاهرين جي وڌيڪ چوڻ هو ته هي ڪا سياسي ۽ سفارشي ڀرتي ناهي جو ان تي پابندي لڳائي وڃي اسان ڏينهن رات محنت ڪري ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪئي آھي نج ميرٽ تي هلندڙ پراسيس کي فريز ڪرڻ ڪاٿان جو انصاف آهي۔ اڳواڻن نگران حڪومت سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو تي فوري طور ٽيسٽ پاس اميدوارن کي جوائننگ آرڊر ڏئي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي تان ھلندڙ پابندي ھٽائي وڃي ۽ نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Noshahroeroz
Protest
noshahroferoz
0 تبصرے