ڪراچي ۾ 12 ڪلاڪن دوران فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

سرجاڻي ٽائون فيز ون ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان گهر ٻاهران قتل ٿي ويو

ڪراچي ۾ 12 ڪلاڪن دوران فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي: 12 ڪلاڪن دوران فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته نيو ڪراچي ۾ سليم سينٽر وٽ ڦورن ڦر مزاحمت تي نوجوان عمر جهانزيب کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول صدر ۾ ڪال سينٽر تي ڪم ڪندو هو، صبح جو ڊيوٽي ختم ڪري پنهنجي ڀاءُ سان گڏ سرجاڻي ٽائون ۾ گهر وڃي رهيو هو. سرجاڻي ٽائون فيز ون ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان گهر ٻاهران قتل ٿي ويو، 28 ورهين جي فرحان کي ٻن هٿياربندن رات دير سان ٽارگيٽ ڪيو پوليس موجب مقتول ثريا نالي ناري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، ثريا شادي شده هئي، مڙس کان طلاق وٺي فرحان سان شادي ڪيائين، مقتول ڪپڙي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو، هاڪس بي دعا هوٽل وٽ ڪار تي فائرنگ، 24 ورهين جو شايان مارجي ويو، مقتول دوستن سان گڏ پڪنڪ تي آيو هو پوليس موجب مقتول کي ڦورن ڦر مزاحمت تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو،