ڪراچي: سيڪيورٽي ڪمپني جي مينيجر جو سنڌي نوجوان تي وحشياڻو تشدد، اسپتال منتقل

متاثر سليم سولنگي پاران سيڪيورٽي ڪمپني جي مينيجر خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي: سيڪيورٽي ڪمپني جي مينيجر جو سنڌي نوجوان تي وحشياڻو تشدد، اسپتال منتقل

ڪراچي ۾ نيپا چورنگي ويجهو برائيٽ سيڪيورٽي ڪمپني جي مينيجر عرفان پٺاڻ جو سنڌي نوجوان تي وحشياڻو تشدد، اسپتال منتقل تشدد جو نشانو بڻيل سليم سولنگي پاران سيڪيورٽي ڪمپني جي مينيجر خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو متاثر نوجوان سليم سولنگي جو چوڻ آھي تھ گلشن اقبال پوليس ڪيس داخل ڪرڻ انڪار ڪري ڇڏيو آھي، سنڌي هجڻ جي ڪري مختف بهانن سان ڪمپني مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، چوري جو ڪوڙو الزام هڻي ڪمپني جي مينيجر عرفان پٺاڻ رسن سان ٻڌي سڄي رات لوهي شيخن سان تشدد جو نشانو بڻايو آهي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي متاثر نوجوان جي وارثن پاران ڪيس داخل نه ٿيڻ تي گلشن اقبال پوليس خلاف ٿاڻي جو گهيراءُ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو، سندن چوڻ آھي تھ ڪمپني مينيجر اسان سان ظلم ڪيو آھي، ڪوڙي ڪيس ۾ تشدد جو نشانو بڻايو آھي،