جماعت اسلامي سنڌ پاران حسينه کوسو ۽ افضل لُنڊ جي قتل جي پُرزور مذمت

سنڌ کي عملي طور تي قاتلن ۽ وحشي جنسي درندن حوالي ڪيو ويو آهي: محمد حسين محنتي

جماعت اسلامي سنڌ پاران حسينه کوسو ۽ افضل لُنڊ جي قتل جي پُرزور مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جيڪب آباد مان معصوم ٻارڙي حسينه کوسو کي اغوا ڪري جنسي درندگي بعد قتل ڪرڻ واري هانءُ ڏاريندڙ واقعي جي سخت مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته حسينه کوسو واقعي جي اڻ ڌري جانچ ڪري ملوث ماڻهن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي، هن اڄ هڪ بيان ۾ ڪي اين شاه واسي نوجوان افضل لُنڊ کي ٽنڊوآدم ۾ بيدردي سان قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏيندي چيو ته سنڌ کي عملي طور تي قاتلن ۽ وحشي جنسي درندن حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪي جنهن مهل وڻي تنهن مهل ڪنهن نياڻي کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو شڪار ۽ قتل ڪري ٿا ڇڏين، اڄ سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ ڪنهن به شخص جي جان، عزت، مال محفوظ ڪونه آهي، فاطمه ڦُرڙو کان پوءِ جيڪب آباد ۾ معصوم نياڻي حسينه کوسو جو اغوا ۽ بيدردي سان قتل جي واقعي انسانيت کي شرمائي ڇڏيو آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، هن چيو ته معصوم ٻالڪ جي اغوا ۽ بي رحماڻي قتل جيڪب آباد پوليس جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي. جماعت اسلامي اڳواڻ جو چوڻ هو ته اهڙن واقعن سان روزاني اخبارون ڀريون پيون آهن، پر عوام جي ڪير به دادرسي ڪرڻ وارو ڪونه آهي. صوبائي اُمير پُرزور مطالبو ڪيو ته نوجوان افضل لُنڊ ۽ معصوم نياڻي حسينه کوسو جي قاتلن ۽ کي في الفور گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ته جئين آئنده اهڙي قسم جي واقعن جو تدارڪ ٿي سگهي