بدين ۾ جماعت اسلامي پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آھي، نگرانن بھ ڪو ٻوٽو ناھي ٻاريو: اڳواڻ

بدين ۾ جماعت اسلامي پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي

بدين (رپورٽر) سنڌ ۾ داڙيل راڄ ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي پاران ضلع بدین جي نائب امیر الله بچايو ھاليپوٽو جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو - علي گل، فتح خان کوسو ۽ ٻين جو خطاب اڳوڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب نگرانن بہ ٻوٽو ناھي ٻاريو ڪيترائي مغوي ھن وقت بہ ڌاڙيلن وٽ قيد آھن جيڪي بازياب ٿي اچن پيا اھي پوليس نہ پر پنھجي ڪوشش سان اچن پيا. ھنن گھر ڪئي تہ ڏوهاري ٽولن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف بي رحم آپريشن سميت سڀني يرغمالين کي بازياب ڪرايو وڃي.بڻايو وڃي.جماعت اسلامي مظلومن سان گڏ بيٺل آهي.