English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي ويجهو نوجوان جو ڪي ڊي اي واهه مان لاش هٿ
views
|
05th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ علي محمد جوکيو واسي 25ورهين جي ضمير جوکيو جو لاش مليو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) مڪلي ويجھو ڳوٺ علي محمد جوکيو جي رھواسي 25 سالہ نوجوان ضمير علي ولد محرو جوکيو جو لاش KDA واھ مان وارثن کي مليو اھي، جنھن کي گچي ۾ رسو وجھي ڦاھو ڏيئي پيرن ۾ پٿر ٻڌي ڪي ڊي ڪينال ۾ اڇلايو ويو ھو، نوجوان جو لاش ڪي ڊي ڪينال تان گذرندڙ ماڻھن ڏسي مقامي ماڻھن کي ٻڌايو جن مڪلي ۽ جنگشاھي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس بروقت پھچي لاش ڪڍرائي مڪلي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتي نوجوان جي وارثن قتل جو شڪ ظاھر ڪندي چيو تہ سندس نوجوان ڪجھ ڪلاڪ پھرين گم ٿيو ھو، جنھن جي ھنن ڳولا پئي ڪئي تہ ان جو لاش ڪي ڊي اي واھ مان مليو اھي، ھنن چيو تہ سندن نوجوان کي قتل ڪري پاڻي ۾ اڇلايو ويو اھي، ھنن چيو تہ سندس نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪري سندس قتل جي جانچ ڪري ملوثن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي، ھوڏانھن لاش ضروري ڪاروائي بعد گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ٻئي طرف فوتي نوجوان جي وارثن پاران مڪلي ٿاڻي تي قتل جي ايف ائي ار داخل ڪرائڻ جون ڪوششون جاري ھيون، آخري اطلاعن تائين قتل جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
thatto makli
KDA
0 تبصرے