لاڙڪاڻي سرڪل ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن تيز

لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي مخلتف علائقن ۾ سيپڪو عملي جو آپريشن

لاڙڪاڻي سرڪل ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن تيز

لاڙڪاڻو /وزيراعظم پاڪستان، بجلي واري وفاقي وزير ۽ سيپڪو چيف جي هدايتن تي لاڙڪاڻي سرڪل ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سيپڪو لاڙڪاڻو عبدالغفار ماڪا جي سربراهي ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي مخلتف علائقن ۾ سيپڪو جي عملي تقريبن 5 سو غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، جڏهن ته 3 غير قانوني ٽرانسفارمر به لاهي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا، سيپڪو عملي مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪري بجلي بل جي مد ۾ باقيدارن ڏانهن رهيل 10 لک رپيا به وصول ڪيا، ان سلسلي ۾ ايس اي سيپڪو عبدالغفار ماڪا جو چوڻ آھي تہ آئيس فيڪٽرين سميت وڏن بجلي چورن خلاف ايف آئي آر لاءِ پوليس کي ليٽر لکيا ويا آهن. سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ٻڌايو ته وزيراعظم، کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ سيپڪو چيف جي سخت هدايتن تي بجلي چورن خلاف شروع ڪيل آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، ڪنهن به صورت ۾ بجلي چورن کي بخش نه ڪيو ويندو..