English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پيٽروليم ۽ بجلي جي وڌايل اگهن کي رد ڪري ڇڏيو
views
|
02nd Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي پي ڊي ايم ۽ پ پ جي اتحادي حڪومت ملڪ کي آئي ايم ايف وٽ وڪڻي ڇڏيو: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم ۽ بجلي جي وڌايل قيمتن کي رد ڪندي چيو آھي تہ اڳوڻي پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اتحادي حڪومت ملڪ کي آئي ايم ايف وٽ وڪڻي ڇڏيو آھي. نگران حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي. بي رحم ۽ بي حس حڪمرانن کي احساس ناهي تہ پيٽروليم.جون قيمتون وڌڻ ڪري پاڪستان جو 24 ڪروڙ عوام بک بدحالي جو شڪار ٿي مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھيو آھي. پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون وڌائڻ عوام دشمني آھي. مھانگائي جو طوفان ملڪ کي ايٿوپيا بنائي ڇڏيندو. پئٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌڻ سان زندگي جي ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ نگران حڪومت آئي ايم ايف جي حڪم تي روزانو عوام مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائي ھارين، مزدورن ۽ پورھيتن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. غريب عوام لاءِ ٻہ وقت جي ماني بہ مشڪل ڪري ڇڏي آھي. تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪري اھو پيغام ڏنو ويو آھي تہ جن وٽ پئسو ناھي، جيڪي غريب آھن، انھن کي زندھ رھڻ جو ڪو حق ناھي، اھي ڀلي تڙپي تڙپي مري وڃن. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اڳوڻن ڪرپٽ حڪمرانن عالمي مالياتي ادارن کان اربين ڊالر وٺي ڪرپشن ڪري لنڊن، آمريڪا، سوئيٽزرلينڊ ۽ ٻين محفوظ ملڪن ۾ عوام جي دولت منتقل ڪري ڇڏي ۽ 24 ڪروڙ عوام کي مقروض ڪري ڇڏيو آھي. تيل ۽ بجلي جون قيمتون وڌڻ سان مزدور، ھاري ۽ غريب جي زندگي بيھي رھي آھي، سفر مھانگو ٿي ويو آھي، جيڪا شئي ٽرانسپورٽ ذريعي مارڪيٽ تائين پھچي ٿي اھا وڌيڪ مھانگي ٿيڻ ڪري ماڻھو مان خريداري قوت ختم ٿيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي غدار جاگيردار شاھي، ويڪائو سرمائيدارن ۽ ڪرپٽ حڪمران ٽولن پنھنجن ذاتي مفادن خاطر ملڪ کي عالمي سامراجين، ڪرپٽ ۽ دھشتگرد مافيا وٽ گروي ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ضروري آهي تہ صرف چھرن کي بدلائڻ بجاءِ ھن نظام کي تبديل ڪيو وڃي. پاڪستان مسلسل بحرانن جو شڪار آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون وڌائڻ عوام دشمني آھي، ماڻھن جو معاشي قتل آھي، انڪري فوري طور تي پيٽروليم ۽ بجلي جون وڌايل قيمتون واپس ورتيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ayaz latif
palijo
QAT
qoumi awami tahreek
sindhiyani
tahreek
sindhiani
0 تبصرے