گڏاپ جي ڳوٺ نور محمد برفت کي امڪاني ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڇهين ڏينهن احتجاجي ڪيمپ جاري

احتجاجي ڪيمپ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، بلڊر مافيا خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏيڻ جي گهر

گڏاپ جي ڳوٺ نور محمد برفت کي امڪاني ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڇهين ڏينهن احتجاجي ڪيمپ جاري

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي اسڪيم 33 جي نور محمد برفت ڳوٺ کي امڪاني ڊاھڻ خلاف ڳوٺاڻان ڇھين ڏينهن به قائم احتجاجي ڪيمپ تي مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي بلڊر مافيا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي ڪيمپ تي سياسي سماجي تنظيمن سميت قومپرست اڳواڻن. ايس اين پي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي. نور خان برفت. صفدر ابڙو. جاويد کوکر. عالم جان بروھي. علي برفت ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھي ڳوٺ قديمي ڳوٺ آھن جيڪي ھاڻي شھري علائقن ۾ اچي چڪا آھن. جيڪي بلڊر سميت سسٽم جي اک ۾ آھن ھنن ڳوٺن خلاف ٿيندڙ سازشن کي ڪنھن بہ صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اسين ڪراچي جي قديم سنڌي ڳوٺن جي وارثي ۽ مالڪي ڪنداسين. اڳواڻن چيو ته ھي ڪيمپ ان ڏيھن تائين جاري رھندي جيسين تائين اسان کي ان ڳالھ جو يقين نٿو ڏياريو وڃي ته ھاڻي نور محمد ڳوٺ کي مسمار نه ڪيو ويندو ۽ ڳوٺ کي مالڪاڻان حق ڏئي ڳوٺ کي پڪو ڪيو ويندو تيسين تائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي.