روٽرڪٽ سينٽرل ڊيموڪريٽڪ ڪلب ميرپور خاص طرفان مختلف ڳوٺن ۾ شاگردن کي ڪاپيون ۽ پينسليون تقسيم

ان موقعي تي مريم زاھد، محمد بخش ڪپري، علي حسن نون، اڳوڻو چيئر مين محمد رفيق لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

روٽرڪٽ سينٽرل ڊيموڪريٽڪ ڪلب ميرپور خاص طرفان مختلف ڳوٺن ۾ شاگردن کي ڪاپيون ۽ پينسليون تقسيم

ميرپورخاص(بيورورپوٽ)روٽرڪٽ سينٽرل ڊيموڪريٽڪ ڪلب ميرپور خاص طرفان ڳوٺ محمد بخش لغاري۽ ٻين علائقن جي مختلف ڳوٺن جي ضرورتمند ٻارن ۾ ڪاپيون ، پينسلون ، رٻڙ ۽ شاپنر تقسيم ڪيا ان موقعي تي فورم جي چارٽر پريزيڊنٽ مريم زاھد ، محمد بخش ڪپري، علي حسن نون سابق چيئر مين محمد رفيق لغاري انھن پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندين چيو ته اسان کي خيرسلائي جو ڪم ڪندين ڏاڊي خوشي ٿيندي آھي۽ انھي موقعي تي علائقي جي رهواسين مولا بخش لغاري، منظور علي لغاري، زبير علي لغاري، خالد لغاري ، ساجد لغاري ، مشتاق لغاري ، اقبال لغاري ، صادق لغاري ۽ ٻين پنھنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان اھڙين انسان دوستن جي سرگرمين جي آجيان ڪريون ٿا ۽ ڪلب جي سڀني ميمبرن جا دل سان شڪر گذار آهيون.