نوشهروفيروز ۾ راڻيپور ۽ سينئر صحافي وارن واقعن خلاف احتجاجي ريلي

شھيد صحافي جان محمد مھر ۽ فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي: اڳواڻ

نوشهروفيروز ۾ راڻيپور ۽ سينئر صحافي وارن واقعن خلاف احتجاجي ريلي

نوشهرو فيروز (رپورٽر) سکر جي سينئر صحافي جان محمد مھر ۽ راڻيپور ۾ پيرن جي تشدد ۾ فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو. سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخن نوشھروفيروز پاران مھراڻ چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر مظھر خاصخيلي، زاھد راڄپر، ارباب ملاح، سڪندر جروار، سگا شاخ نوشھروفيروز جي صدر اعظم عالماڻي، نور راڄپر، سعيد خاصخيلي، عطا حسين سمون، مشتاق مري ۽ ٻين چيو ته شھيد جان محمد مھر ۽ فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. ھنن چيو ته صحافي جان محمد مھر ۽ فاطمه ڦرڙو جو قتل افسوسناڪ آھي ۽ انسانيت جو قتل آھي. ھنن چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.