English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف تحريڪ ھلائڻ جو اعلان
131 views
|
27th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سراج الحق جي سرواڻي ۾ 30 ۽ 31 آگسٽ تي ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ امن مارچ ۽ ڌرڻا ھنيا ويندا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان، پھرين مرحلي ۾ 30۽31 آگسٽ تي مرڪزي امير سراج الحق جي قيادت هيٺ ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور گهنٽا گهر وٽ امن مارچ ڪري ڌرڻا لڳايا ويندا. سنڌ جي دفتر قباءآڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا جو بريفنگ ۾ وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ، بدامني ، نياڻين سان جنسي درندگي،قبيلائي جهيڙن،ڀنگ لاءِ وڌندڙ وارداتن امن تباه ۽عوام جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي .حڪومت شھرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي . ان ظلم خلاف عوام مسلسل احتجاج ڪري پيو پر حڪومت ۽ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آھن .لوفر ۽ ڌاڙيل انھن کان ھر گزڳجھا ڪونه آھن اهي پنھنجي سچائي تي اچن ته ڏوھن جو خاتمو ڪري سنڌ ۾ امن قائم ڪري سگهن ٿا ھن وقت به ڪشمور ،ڪنڌڪوٽ ، گهوٽڪي ،شڪارپور سميت سنڌ بدامني جي آڙاهه ۾ ٻري رھي آھي ڀنگ لاءِ ماڻھن کي اغوا ڄڻ ھڪ ڪاروبار بڻجي ويو آھي ظالم سردارن ڪرپٽ پوليس آفيسرن توڙي بي رحم ڌاڙيلن جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ کانسواءِ سنڌ ۾ امن ۽ ڏوھن جو خاتمو نا ممڪن نظر اچي رھيو آھي . ھن وقت به ڪيترائي ماڻھو ڌاڙيلن وٽ قيد آھن.ڪچي توڙي پڪي جاڌاڙيل گڏجي ڪري سنڌ جي عوام کي ڦري رهيا آهن.پ پ سنڌ ۾ 15 سال حڪمراني ڪئي پرهن امن توڙي سنڌ جي حقن جو تحفظ تي پنهنجي هنڌ رهيو پر عوام کي پئڻ جو صاف پاڻي صحت تعليم انساني زندگي جون بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ به ناڪام رهي.انهن جي محلن ماڙين توڙي بنڪ بيلنس ۾ ته اضافو ضرور ٿيو پرسنڌ جو عوام اڄ به پٿر جي دور۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.انڪري عوام کي پنهنجي سنڌ ۽ ٻچن جي بهتر مستقبل لا سجاڳ ٿيڻو پوندو هن چيو ته امير جماعت اسلاميسراج الحق ڪنڌ ڪوٽ ۾ صبح 10 وڳي ۽ شڪارپور ۾ شام 4 وڳي ڌرڻي کي خطاب ۽ اھم اعلان ڪندو.مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو،سنڌجو امير محمد حسين محنتي ۽ ٻيا مرڪزي صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻ گڌ هوندا.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
02nd Apr 2026
•
شوبز
ماضی میں فلموں میں بولڈ کردار ادا کرنا آسان فیصلہ نہیں ہوتا تھا۔ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: صحافي شان ڏهر جي قتل ڪيس جو جوابدار 12 سالن بعد گرفتار
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Siraj ul haq
jamait islami
0 تبصرے