English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڙني مسئلن کان نجات جو واحد حل ملڪ ۾ شفاف چونڊون آهن: محمد حسين محنتي
views
|
25th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
نگران سرڪار عوام مٿان مهانگائي جي بمباري ڪرڻ ۾ پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم سرڪار کي به مات ڏئي ڇڏي
ڪراچي/ٺٽو (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته نگران سرڪار آءِ ايم ايف جي تعبداري ۽ عوام مٿان مهانگائي جي بمباري ڪرڻ ۾ پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم سرڪار کي به مات ڏئي ڇڏي آهي، ڊالر جي اونچي اُڏام سميت اٽي، کنڊ، پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي عوام جي مشڪلات ۾ اضافو ۽ نگران حڪومت کان ڀلائي جي اُميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، لڳي ٿو ته ملڪ ۾ نگران حڪومت پاڪستان جي نه بلڪه سڌو سنئون آءِ ايم ايف پاران مسلط ڪئي وئي جيڪا ملڪ ۾ بهتري بدران وڌيڪ قرض وٺڻ ۽ آءِ ايم ايف جي اشارن تي عوام مٿان مهانگائي جا ڪوڙا وسائي پرڏيهي مالياتي ادارن جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ ۾ مصروف آهي، عالمي مالياتي ادارن سميت غيرن جي غلامي ۽ مڙني مسئلن کان نجات جو واحد حل ملڪ ۾ شفاف چونڊون، اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي، عوام هاڻي ڪرپشن فري ۽ اسلامي توڙي خوشحال پاڪستان لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سجاول ۽ گهارو ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو، ضلعي امير الطاف احمد ملاح سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماڻهو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي کان سخت پريشان ۽ ڳرا بجلي بل ادا ڪرڻ لاءِ گهر جو سامان وڪڻي رهيا آهن يا وري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، پر ظالم حڪمرانن ۽ ڪرپٽ اشرافيه جي ڪن تي جونُ به نٿي سُري، ڪير مري يا جيئي کين آءِ ايم ايف جي غلامي ۽ پنهنجي عياشين سان غرض آهي، سنڌ صوبو ڪرپشن، بدامني ۽ پنهنجا نوازي ۾ سڀ کان اڳتي آهي، هتي نه ڪنهن شهري جي جان، مال ۽ نه ئي عزت محفوط آهي، فاطمه ڦُرڙو سميت معصوم ٻارن سان ٿيندڙ درندجي جا واقعا قابل مذمت ۽ امن، رواداري ۽ باب الاسلام سنڌ جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي سازشن جو حصو آهن، راڻي پور واقعي نه رڳو سنڌ بلڪه پوري انسانيت جو سَر شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي، فامطه جي قاتل ۽ سهولتڪارن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تائين جماعت اسلامي جي جدوجهد جاري رهندي..#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Fatima
Muhammad Hussain Mahnti
Jamait islami
0 تبصرے