English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور ۾ هندو برادري، سياسي سماجي قومپرست ڌرين پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
31st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ريلي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻ، شهري، صحافي، اديب، سياسي سماجي قومپرست ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
پوليس ساگر ڪمار، جئديپ ڪمار ،مکي جڳديش ڪمار ،ڊاڪٽر منير احمد نائچ ۽ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي: اڳواڻ ڪشمور (دلبر جاني) ضلعي مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ هندو برادري، سول سوسائٽي، شھرين مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران پئنچاتي حال کان ڪشمور پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي جي اڳواڻي چوڌري نريش ڪمار، مکي وشن داس، مغوي ساگر ڪمار جي والد اندر لال ڪئي ۽ ريلي ۾ شھري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ، حاڪم ڀٽي، راڻا غفار، جماعت اسلامي جي امير افضل عطا ڪلوڙ، سگھا جي مرڪزي اڳواڻ فقير محمد زمان دايو، سني تحريڪ جي اڳواڻ حافظ محمد حنيف، شھري اتحاد ڪشمور جي اڳواڻ غلام جيلاني، ايس ٽي پي جي اڳواڻ عبدالجبار سولنگي، قومي عوامي تحريڪ تعلقه ڪشمور جي اڳواڻ ضمير حسين چنہ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا جن تي اغوا ٿيل ساگر ڪمار، جئديپ ڪمار ،مکي جڳديش ڪمار ،ڊاڪٽر منير احمد نائچ ۽ پريا ڪماري سميت ٻين جي بازيابي لاءِ نعرا لکيل هئا اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور ضلعو پوليس جي نااهلي سبب اغوا جي صنعت بڻجي ويو آهي، رات جو هڪ واپس ٿئي ٿو ته ٻه اغوا ٿيڻ ٿا ھندو برادري جي اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعي کي اغوا انڊسٽري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي اسان ٻارڙا خوف مان اسڪول نٿا وڃن ڪاروبار پڻ متاثر پيو ٿئي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان هندو پرامن شهري آهيون، اسان کي امن سان رهڻ ڏيو،مظاهرو ڪندڙن پاران ايس ايس پي ڪشمور ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، آئي جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ساگر ڪمار پٽ اندر لعل، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، مکي جڳديش ،جئديپ سميت سمورن مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي،ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته مغوي بازياب نه ٿيا ته اڻ اعلانيل مدت تائين ڌرڻو هنيو ويندو .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Kashmore
hindu comunity
Protest
0 تبصرے