English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور ۾ هندو برادري، سياسي سماجي قومپرست ڌرين پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
120 views
|
31st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ريلي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻ، شهري، صحافي، اديب، سياسي سماجي قومپرست ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
پوليس ساگر ڪمار، جئديپ ڪمار ،مکي جڳديش ڪمار ،ڊاڪٽر منير احمد نائچ ۽ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي: اڳواڻ ڪشمور (دلبر جاني) ضلعي مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ هندو برادري، سول سوسائٽي، شھرين مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران پئنچاتي حال کان ڪشمور پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي جي اڳواڻي چوڌري نريش ڪمار، مکي وشن داس، مغوي ساگر ڪمار جي والد اندر لال ڪئي ۽ ريلي ۾ شھري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ، حاڪم ڀٽي، راڻا غفار، جماعت اسلامي جي امير افضل عطا ڪلوڙ، سگھا جي مرڪزي اڳواڻ فقير محمد زمان دايو، سني تحريڪ جي اڳواڻ حافظ محمد حنيف، شھري اتحاد ڪشمور جي اڳواڻ غلام جيلاني، ايس ٽي پي جي اڳواڻ عبدالجبار سولنگي، قومي عوامي تحريڪ تعلقه ڪشمور جي اڳواڻ ضمير حسين چنہ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا جن تي اغوا ٿيل ساگر ڪمار، جئديپ ڪمار ،مکي جڳديش ڪمار ،ڊاڪٽر منير احمد نائچ ۽ پريا ڪماري سميت ٻين جي بازيابي لاءِ نعرا لکيل هئا اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور ضلعو پوليس جي نااهلي سبب اغوا جي صنعت بڻجي ويو آهي، رات جو هڪ واپس ٿئي ٿو ته ٻه اغوا ٿيڻ ٿا ھندو برادري جي اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعي کي اغوا انڊسٽري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي اسان ٻارڙا خوف مان اسڪول نٿا وڃن ڪاروبار پڻ متاثر پيو ٿئي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان هندو پرامن شهري آهيون، اسان کي امن سان رهڻ ڏيو،مظاهرو ڪندڙن پاران ايس ايس پي ڪشمور ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، آئي جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ساگر ڪمار پٽ اندر لعل، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، مکي جڳديش ،جئديپ سميت سمورن مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي،ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته مغوي بازياب نه ٿيا ته اڻ اعلانيل مدت تائين ڌرڻو هنيو ويندو .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Kashmore
hindu comunity
Protest
0 تبصرے