English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران چناب ۽ ستلج تي پنج نوان ڊيم ۽ بئراج اڏڻ واري فيصلو کو سنڌ دشمن قرار
views
|
30th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ درياھ ۽ ان جي مددي نندين تي ڪو بہ نئون درياھ دشمن منصوبو قبول ناھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چناب ۽ ستلج تي پنج نوان ڊيم ۽ بئراج اڏڻ واري فيصلي جي سنڌ دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ درياھ ۽ ان جي مددي نندين تي ڪو بہ نئون درياھ دشمن منصوبو قبول ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿر ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، انھن ڌاڙيل منصوبن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ آباد زمينون ڀڙڀانگ ڪيون وڃن ٿيون. انھن ڌاڙيل واھن کي بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھ کي قتل ڪرڻ جون ملڪ دشمن سازشون بند ڪيون وڃن. پنجاب جي 34 لک ايڪڙ ريگستاني زمين آباد ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھ جي پاڻي تي پھريون حق سنڌ جو آھي، پيپلز پارٽي اقتدار خاطر ھميشه سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبا جوڙايا آھن. چشمه جهلم ۽ تونسا پنجند جوڙڻ وقت ڪوڙو واعدو ڪيو ويو ته انھن کي صرف ٻوڏ جي وقت سنڌ جي اجازت کانپوءِ ھلايو ويندو پر ھاڻ 12 مھينا اھي ڌاڙيل واھ ھلائي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته پنجاب طاقت جي زور تي ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي. سنڌ جي جر جو زمين کارو ۽ ڪڙو ٿي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي ڪروڙين ماڻھو سنڌو درياھ تي ڊيمن کي رد ڪري چڪا آھن. سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ دشمن منصوبا رد نه ڪيا ويا ته ان جا انتھائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا. سنڌي ماڻھو ڪڏھن بہ خاموش ٿي نہ ويھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. پنجاب جي زير زمين پاڻي جي بہ ورڇ ۾ شامل ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ayaz latif palejo
palijo
QAT
qoumi awami tahreek
sindyani tahreek
sindhyani
sindiani
0 تبصرے