English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران چناب ۽ ستلج تي پنج نوان ڊيم ۽ بئراج اڏڻ واري فيصلو کو سنڌ دشمن قرار
254 views
|
30th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ درياھ ۽ ان جي مددي نندين تي ڪو بہ نئون درياھ دشمن منصوبو قبول ناھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چناب ۽ ستلج تي پنج نوان ڊيم ۽ بئراج اڏڻ واري فيصلي جي سنڌ دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ درياھ ۽ ان جي مددي نندين تي ڪو بہ نئون درياھ دشمن منصوبو قبول ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿر ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، انھن ڌاڙيل منصوبن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ آباد زمينون ڀڙڀانگ ڪيون وڃن ٿيون. انھن ڌاڙيل واھن کي بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھ کي قتل ڪرڻ جون ملڪ دشمن سازشون بند ڪيون وڃن. پنجاب جي 34 لک ايڪڙ ريگستاني زمين آباد ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھ جي پاڻي تي پھريون حق سنڌ جو آھي، پيپلز پارٽي اقتدار خاطر ھميشه سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبا جوڙايا آھن. چشمه جهلم ۽ تونسا پنجند جوڙڻ وقت ڪوڙو واعدو ڪيو ويو ته انھن کي صرف ٻوڏ جي وقت سنڌ جي اجازت کانپوءِ ھلايو ويندو پر ھاڻ 12 مھينا اھي ڌاڙيل واھ ھلائي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته پنجاب طاقت جي زور تي ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي. سنڌ جي جر جو زمين کارو ۽ ڪڙو ٿي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي ڪروڙين ماڻھو سنڌو درياھ تي ڊيمن کي رد ڪري چڪا آھن. سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ دشمن منصوبا رد نه ڪيا ويا ته ان جا انتھائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا. سنڌي ماڻھو ڪڏھن بہ خاموش ٿي نہ ويھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. پنجاب جي زير زمين پاڻي جي بہ ورڇ ۾ شامل ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ayaz latif palejo
palijo
QAT
qoumi awami tahreek
sindyani tahreek
sindhyani
sindiani
0 تبصرے