پروين، ناهيد، فائزا، نوشابه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي سماجي تنظيم بانهن بيلي تحت ٺاھيل (هم آواز گروپ) جي عورتن پاران فاطمه فررو جي قتل خلاف مقامي هال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي پروين، ناهيد، فائزا، نوشابه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. خيرپور ۾ ٿيل اڻ وڻندڙ واقعي ۾ فاطمه فررو جي قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي، هنن چيو ته سنڌ ۾ هر روز اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن، جنهن لاءِ قانون مضبوط ناهي ان لاءِ قانون کي بهتر ڪم ڪرڻو پوندو.
0 تبصرے