English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
راڻيپور واقعي خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاجي ريلي، پير توڙي عورتون ۽ ٻارڙا بھ شريڪ
197 views
|
22nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
معصوم نينگري فاطمھ ڦرڙو سان ظلم ڪندڙ ظالمن کي عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي: مظاھرين جو مطالبو
ميرپورخاص (بيورورپوٽ) راڻي پور جي حويلي ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل معصوم نياڻي واري واقعي خلاف سنڌ جي وڏي پيراڻي گادي پير ابراهيم جان سرهندي درگاھ ( گلزار خليل) جا پير، عالم دين سياسي سماجي اڳواڻ صحافي وڪيل مصوم ٻارڙا عورتون معزور به روڊن تي نڪري احتجاج ڪندي ظالم پير اسد کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صحافت ميرپوخاص پاران راڻي پور ۾ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو سان جنسي زيادتي بعد بيرحماڻي قتل خلاف وڏي احتجاجي ريلي ايوان صحافت کان اسٽيشن چوڪ کان ٿيندي پوسٽ آفيس چوڪ تائين ڪڍي وئي.ريلي ۾ شريڪ صحافين سميت سياسي سماجي ، مذھبي ، ڪاروباري ، وڪيل برادري ، اسڪول جي ٻارڙن ، عورتن ، معذورن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مظاھرين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻي ۾ سنڌ جي وڏي درگاھ پير ابراهيم جان سرهندي خليلي جماعت جي پيرن ، پير حماد جان سرهندي ، پير زبير جان سرهندي ، علماء ايڪشن ڪميٽي جي مولانا حفيظ الرحمان فيض ، تحريڪ انصاف اڳواڻ آفتاب قريشيءَ ، پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ اسلام آباد جي اطلاعات سيڪريٽري، ڊاڪٽر شھناز سولنگي ، عورتن جي سماجي اڳواڻ افشين اقبال ، دستگيري ويلفيئر پاڪستان جي صدر محمود احمدي صابري، مولانا حاڪم گشڪوري ، ايوان صحافت جي صدر فضل شر ، مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ سردار فاروق لغاري ، نظر مھر ، ملڪ عبدالرزاق ، آل پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي ڊيوزنل صدر فيصل زئي ، جماعت اسلامي جي نور الاھي مغل ،وي وانٽ يونيورسٽي تنظيم جي اڳواڻ محمد ناصر اقبال، سماجي اڳواڻ معيز پاڪستاني، عبدالرشيد شيخ ، شاگرد اڳواڻ علي حسن لغاري ، گلستان معزورين جي اڳواڻ قمر ملڪ اي ڪي فائونڊيشن جي اڳواڻ اظھر عباسيءَ ، تاجر اڳواڻ ڪامران ميمڻ ، سماجي اڳواڻ احمد خان مري ، وڪيل دانيال ملڪ ، ھندو برادري جي اڳواڻن نارائڻ داس ميگھواڙ، ٽيڪم داس مالھي ،جئپال مالھي ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ھميشه امن ڀائيچاري ، محبت جي سرزمين رھي آھي جٿي بزرگان دين ، درگاھون درسگاهن جو مرڪز رھيو آھن اتي راڻي پور جي جعلي پير اسد شاھ وحشياڻو عمل ڪري سنڌ ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين کي لڄائي ڇڏيو آھي ھنن چيو ته سنڌ جا حقيقي وارث ، ان ظالماڻي عمل خلاف سخت مذمت ڪندي احتجاج ڪري رھيا آھن ۽ پير اسد شاھ سميت تمام اھڙي وحشي ڪردارن کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪري رھيا آھن مظاهرين نگران وزيراعظم ، آرمي چيف ، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ جي نگران وزير اعلٰي کان مطالبو ڪيو ته پير اسد شاھ کي نه صرف عبرتناڪ سزا ڏني وڃي بلڪ ان سڄي عمل پويان لڪل ڪردارن کي وائکو ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Mirpurkhas
Ranipur
fatima
sana
Murder
Rape
0 تبصرے