دادو ۾ پورھيت جو پٽ سميت احتجاجي مظاھرو

ٻاراڻي ڳالھھ تان بااثرن پٽ تي تشدد ڪيو: مقبول سخيراڻي

دادو ۾ پورھيت جو پٽ سميت احتجاجي مظاھرو

دادو (عبدالعزيز ٻٻر) دادو A سيڪشن ٿاڻي جي حد لال هنڌي قبرستان بٺ محلا جو رهواسي مقبول سخيراڻي سنڌ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيون ته منهجي پٽ فيضان احمد سخيراڻي 9 سالا تي محلي جي رهواسين ٻاراڻي ڳالھ تان بي انتها تشدد ڪيو آهي منهجي ننڊڙي جي اک ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ننڊڙي جي اک زايا ٿيڻ جو خدشو آهي A سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدار محمد چانڊيو شان چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ لا۽ رشوت طلب ڪري رهي آهي پيسا نه هجڻ جي ڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري ايس ايس پي دادو عبدالخالق پيرزادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي