سجاول ۾ ڊي سي طاهر علي ميمڻ جي صدارت هيٺ پوليو بابت اجلاس

اجلاس ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، اي سيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي شرڪت

سجاول ۾ ڊي سي طاهر علي ميمڻ جي صدارت هيٺ پوليو بابت اجلاس

سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ھو سمورا موجود وسيلا ڪتب ۾ آڻيندي 15ـ کان 21ـ آگسٽ 2023ع تائين تعلقي ميرپور بٺورو جي يونين ڪائونسل ٻنون ۾ اُرڙي ۽ روبيلا جي مرض کان بچاء لاءِ مھم شروع ڪن تہ جيئن مذڪورہ بيماري کي ڦھلجڻ کي روڪي سگهجي. اهڙي هدايت هن ضلعي سجاول جي يونين ڪائونسل ٻنون ۾ اُرڙي جي بيماري جا ڪجهه ڪيس سامهون اچڻ جو نوٽيس وٺندي هنگامي بنيادن تي ڪوٺايل ضلعي پوليو جي خاتمي واري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت صحت، تعليم ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هن مهم دوران هر ٽارگيٽيڊ ٻار تائين پهچڻ کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ڄاڻايل يونين ڪائونسل جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻارن جي ڪوريج تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. هن پوليس آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته پوليس ٽيمن جي مقرري ۽ احتياطي اپائن کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر سجاول ضلعي جي عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي علائقن ۾ ايندڙ صحت کاتي جي ٽيمن سان سهڪار ڪندي پنھنجي گُلڙن جهڙن ٻارڙن کي اُرڙي ۽ روبيلا بيمارين کان بچاءُ جا ٽُڪا ضرور لڳرائين. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته عوام کي صحت سميت سموريون گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي ترجيحن ۾ شامل آهي.