سامارو ڀرسان نوجوان جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ڳوٺ بروهي ۾ ٻن ٻارڙن جي پيءَ بشير عرف بابو بروهي جو گهر مان لاش مليو

سامارو ڀرسان نوجوان جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ

سامارو(رپوٽر) سامارو ڀرسان ڪنري روڊ تي منظور ڪالوني ڀرسان ڳوٺ گل محمد بروهي واسي نوجوان بشير عرف بابو بروهي پنهنجي ئي گهر ۾ پرسرار طور قتل بشير هر روز صبح سوير شهر مزوري لاء ويندو هو ڪنهن سان ڪابه دشمني ڪونهي انصاف ٿئي مقتول جو ڀاء عمران بروهي تفصيل موجب سامارو ڀرسان منظور ڪالوني ڀرسان بروهي ڳوٺ ۾ رات دير سان نامعلوم ماڻھن هتان نوجوان 2 ٻارن جو پيء 35 سالا بشير عرف بابو بروهي قتل ٿي ويو وارثن موجب کين صبح جو بشير عرف بابو جي قتل جي ان وقت خبر پئي جڏهن هو حسب معمول صبح جو اٿڻ واري وقت تي ننڊ مان نه اٿيو مقتول جي ڀاء عمران موجب سندن ڀاء کي ننڊ ۾ ستل حالت ۾ قتل ڪيو ويو هن وڌيڪ چيو ته ڀاء کي 2 ٻارن جو الاد آهي سامارو شهر ۾ مزوري ڪري برياني ٺاهي پيٽ گزرڪندو هو نوجوانن جي قتل جي اطلاع بروهي برادري جا سوين ماڻھون واقعي واري هنڌ پهچي ويا اطلاع تي سامارو پوليس به پهچي لاش تحويل وٺي تعلقي اسپتال سامارو پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي سامارو پوليس هڪ ڪهاڙي به هٿ ڪئي آهي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ان سان مقتول بشير عرف بابو بروهي کي قتل ڪيوويو آهي