English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
صوبي ۾ ڪرپشن ۽ ڪارڪردگي خلاف جماعت اسلامي وائيٽ پيپر جاري ڪندي: محمد حسين محنتي
45 views
|
06th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
گورک ھل کان وٺي ڪارونجهر تائين پ پ سنڌ جي وسيلن جي ڀيل ۽ تباھي بربادي کان سواءِ ڪجهه بہ ناھي ڏنو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي سنڌ جي خوشحالي توڙي عوامي مسئلن جو واحد حل پ پ کان نجات قرار ڏيندي چيو آھي تو گورک ھل کان وٺي ڪارونجهر تائين پ پ سنڌ جي وسيلن جي ڀيل ۽ تباھي بربادي کان سواءِ ڪجهه بہ ناھي ڏنو . پ پ جي ڪرپشن ۽ ڪارڪردگي خلاف جماعت اسلامي جلد وائيٽ پيپر جاري ڪندي . ظالم وڏيري شاھي نظام سڄي سنڌ ۽ عوام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آھي انڪري نظام ۽ قيادت جي تبديلي ۽ ملڪ ۾ قرآن ۽ سنت جي نفاذ کانسواءِ عوام جي تقدير نہ ٿي بدلجي سگهي . اھڙن خيالن جو اظھار ھن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شوريٰ کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي توڙي تنظيمي صورتحال تي غور سالياني بجيٽ جي منظوري سميت امن ، امان ، مھانگائي ، ڌاڙيل راڄ پ پ جي ڪارونجهر دشمني تي ٺھراءُ منظور ڪياويا. سنڌ جي امير جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ پ پ عوامي يا جمھوري جماعت نہ پر مينڊيٽ چور پارٽي آھي . جيڪا ھميشہ انتظامي مشينري ، طاقت ۽ ڌانڌلي ذريعي چونڊون کٽيندي آھي. جنھن جي ھڪ جهلڪ ڪراچي ميئرجي چونڊ ۾ سڄي قوم ڏسي چڪي آھي. ھن چيو تہ جماعت اسلامي چونڊن ذريعي ملڪ ۾ تبديليءَ تي يقين رکي ٿي . چونڊن جي ڀرپور تيارين سان گڏ ھڪ ميمبر تي گهٽ ۾ گهٽ 20 ھزار رپيا اليڪشن فنڊ پڻ رکيو ويو آھي . ان موقعي تي مجلس شوريٰ جي ميمبرن محمد يوسف چانڊيو نيو ڪراچي، نصرت اللہ گلبرگ ، عبدالجمل ڪورنگي ۽ ڊاڪٽر فواد احمد کي گلشن ٽائون جو ناظم ٿيڻ تي مبارڪباد ۽ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پارايا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Jan 2026
•
پاکستان
ترکیہ–پاکستان تعلیمی تعلقات میں مزید مضبوطی، ترک معارف فاؤنڈیشن کا کشمیر میں پہلا اسکول قائم کرنے کا فیصلہ
02nd Jan 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
3 جنوری 2026 کو سال کا پہلا سپر مون، سپارکو کا اعلان
02nd Jan 2026
•
سندھ
کراچی: تجاوزات کے خلاف کریک ڈاؤن، صدر میں 19 ہوٹل اور 13 دکانیں سیل
02nd Jan 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات میں تعطل کی وجہ حکومت نہیں، بانی پی ٹی آئی ہیں: رانا ثناء اللّٰہ
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، رهواسي پريشان
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، لاش اسپتال منتقل
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر واسي پورهيت پراسرار بيماري ۾ مبتلا، علاج جي اپيل
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گُلشنِ حديد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سنگين بحران، لکين ماڻهو پاڻي کان محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
jamait islami
muhammad Hussain mahnti
0 تبصرے