ميرپورخاص ۾ صحت کاتي، يونيسيف ۽ شفاء فائونڊيشن جي سهڪار سان سيمينار منعقد

سيمينار ۾ ڪم ڪندڙ مائرن لاءِ ماءُ جي کير جي فائدن ۽ حڪومت پاران ڪيل قانوني نقطن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ميرپورخاص ۾ صحت کاتي، يونيسيف ۽ شفاء فائونڊيشن جي سهڪار سان سيمينار منعقد

ميرپورخاص(بيورورپوٽ )هن عالمي هفتي جي مناسبت سان ميرپورخاص ۾ ضلعي سطح تي صحت کاتي، يونيسيف ۽ شفاء فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻن ڏينهن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص نور مصطفيٰ لغاري جي صدارت هيٺ سيمينار ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ ڪم ڪندڙ مائرن لاءِ ماءُ جي کير جي فائدن ۽ حڪومت پاران ڪيل قانوني نقطن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نور مصطفيٰ لغاري، ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر شريف، ڊي ايڇ او ميرپورخاص ڊاڪٽر جيرام داس، يونيسيف ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن پڻ خطاب ڪيو. پروگرام جي شروعات ۾ آگاھئي واڪ ڪئي وئي جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. سيمينار جي ٻئي ڏينهن ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر شريف سيمينار جي صدارت ڪئي. ان پروگرام ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ، ڊي ايڇ او، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شڪور ۽ ٻين صحت کاتي ۽ اين جي اوز جي آفيسرن شرڪت ڪندڙن کي هن عالمي هفتي جي حوالي سان تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ فرنٽ لائن ورڪرن جي خدمتن کي ساراهيو.