دادو ۾ عورت سماجي اڳواڻ بي پهچ ماڻهن لاءِ سرگرم

هر سرندي واري کي غريبن جي واهر ڪرڻ گهرجي: فرزانه سميجو

دادو ۾ عورت سماجي اڳواڻ بي پهچ ماڻهن لاءِ سرگرم

دادو (رپورٽر) غريب ۽ بي پھچ ماڻهو جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ به الله سائين جي طرفان ان ماڻهو کي ان جو وڏو اجورو ملي ٿو ڇو جو جيڪي انسانيت جي ناتي سان مسڪينن جي مدد ڪن ٿا اھڙن نيڪي جي ڪمن ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت دادو شھر جي سماجي اڳواڻ ميڊم فرزانا سميجو پڻ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آهي اھڙو اظهار سماجي اڳواڻ ۽ سماجي تنظيم فئٿ فائونڊيشن جي وائيس چيئرمين ميڊم فرزانا سميجو ڀان سيدآباد جي ڳوٺ حسن شاه ۾ نلڪي لڳائيڻ دوران ڳوٺاڻن ڳالھائيندي ڪيو ھن چيو ته مان ھي ڪم انسان جي ڀلائي لاء ڪري رھي آھيان ۽ انشا الله دادو ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن جتي پئيڻ جو پاڻي مسڪين ڳوٺاڻا پري پري کان پاڻي ڀري اچن ٿا اتي اھڙيون پاڻي جون سبيلون نلڪا لڳرائينديس ته جئين ڳوٺاڻا پئيڻ جو صاف ۽ سٺو پاڻي استعمال ڪري سگهن