English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ فوڊ اٿارٽي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جي شاگردن کي انٽرن شپ جي سهولت فراهم ڪندي
132 views
|
30th Jul 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ مختلف يونيورسٽين وچ ۾ هڪ مقامي هوٽل ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ يونيورسٽين وچ ۾ هڪ مقامي هوٽل ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، انهن يونيورسٽين ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد، قائد عوام انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي شهيد بينظير آباد، اقرا يونيورسٽي ڪراچي، سر سيد انجنيئرنگ اينڊ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪراچي، همدرد يونيورسٽي ڪراچي شامل آهن. ان موقعي تي يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز، سنڌ فوڊ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽر جنرل پي سي ايس آءِ آر، ڊينز، رجسٽرار، شعبن جا سربراهه، ڊائريڪٽرز ۽ پرنسپال، نيوٽريشن انٽرنيشنل جي انتظاميا جا ميمبر پڻ موجود هئا. سمورا وائيس چانسلرز، ڊائريڪٽر جنرلز ۽ ٻين مهمانن خوراڪ جي حفاظت ۽ معيار ، غذائي قدرن ۽ ڪميونٽي کي فائدو پهچائڻ ۾ ان جي اهميت کي تسليم ڪندي سنڌ فوڊ اٿارٽي سان گڏجي تعليمي ادارن ۾ رابطن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز پنهنجي شاگردن کي انٽرن شپ جا موقعا فراهم ڪري سکيا جي شاندار موقعن تي شڪريو ادا ڪيو ڇو ته اهڙي ريت شاگرد عملي تجربو حاصل ڪري سگهندا. ڊائريڪٽر جنرل پي سي ايس آءِ آر ان موقعي تي چيو ته انٽرن شپ جو موقعو فوڊ سيفٽي ۽ معيار کي پرکڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي ۽ ان لاءِ پي سي ايس آءِ آر به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته ان اهم مقصد لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد جي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جي انتظامياجوشامل ٿيڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي پهريان ئي سموري سنڌ جي يونيورسٽين سان گڏ ضلعي ۽ ڊويزن سطح تي فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽريون به قائم ڪري چڪي آهي جتي فوڊ سائنس، فوڊ انجنيئرنگ ۽ فوڊ نيوٽريشن جا شعبا موجود آهن. انهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام شامل آهن. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين نيوٽريشن انٽرنيشنل جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته نيوٽريشن انٽرنيشنل هن ڏکئي سفر ۾ هر موڙ تي ساڻس گڏ آهي جنهن ڪري ليبارٽرين جو قيام ممڪن ٿيو. نيشنل پروگرام مئنيجر نيوٽريشن انٽرنيشنل ضمير حيدر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اها سهولت شاگردن کي ٽيسٽنگ لاءِ عملي تجربو فراهم ڪندي ۽ تعليمي ادارن ۽ آفيسرن جي وچ ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀريو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
sindh food
authorty
SAF
0 تبصرے