ٺٽي ۾ پيرسن جو ڀاءُ جي مبينا قتل خلاف پريس ڪلب پهچي ويو، احتجاج

مئي 2022 تي وڏو ڀاءُ صالح جوکيو جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو هو: گلڻ جوکيو

ٺٽي ۾ پيرسن جو ڀاءُ جي مبينا قتل خلاف پريس ڪلب پهچي ويو، احتجاج

ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)ڳوٺ حاجي ناٿوجوکيوتعلقو گھورا ٻاڙي جو رھواسي گلڻ ولد محمد علي عوامي پريس ڪلب ٺٽو تي اچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته تاريخ 29,5,2022تي منھنجو وڏو ڀاءُ نالي صالح ولد محمد علي جوکيو گھر جو سامان وٺي گھر ويو ۽ صبح جو مون کي ڄاڻ ڏنو ويو ته تنھنجو ڀاءُ گذاري ويو آهي آئون جڏھن اتي پھتس ته منھنجي ڀاءُ صالح جي ڳچيءَ ۾ رسن جا نشان ھئا ۽ ٻانھن مان رت وھي رھيو ھو مون اتي موجود ھر ھڪ ماڻھون جنھن۾ دادو پٽ عبدالله جو ، مسمات ڪرمياڻي زال دادو جي بچل ڌيءَ محمد جوکيو عبدالله پٽ محمد جوکيو پوڙھو پٽ عبدالله مشتاق ۽ مينو پٽ محمد جوکيو انھن منھنجي ڳالھ به ڪون مڃي ۽ منھنجي مرحوم ڀاءُ کي زوريءَ بنا پوسٽ مارٽم جي دفن ڪرائي ڇڏيو اھڙو فرياد مون ايس ايس پي ٺٽو کي پڻ ڏنو آهي پر منھنجو ڪوبه داد فرياد ڪون ٿيو آهي ھن وقت اھي جوابدار منھنجي مارڻ لاءِ پلاننگ ٺاھي رھيا آھن ھر طرف کان مون کي تنگ ڪندا اچن ،ان لاءِ مونکي انھن ماڻھن مان جان جو خطرو آهي آئون آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدر آباد ۽ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ٿو ڪريان ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ھنن جوابدارن کي گرفتار ڪري منھنجي مرحوم ڀاءُ جي مرڻ جي تصديق پڻ ڪئي وڃي.