English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏهرڪي ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن جو احتجاجي مظاهرو
views
|
01st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي مان ريٽائرڊ ٿيل 8 هزار ملازمن جا پينشن جي مد ۾ ڏهه ارب روپيا بقاياجات رهيل آهي: اڳواڻ
ڏهرڪي (نويد چغتائي ) ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي جي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن بقايات نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين گهوٽڪي جي ضلعي صدر مير عابد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ملازمن طرفان احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين گهوٽڪي جي ضلعي صدر مير عابد ڀٽو، يونٽ ڏهرڪي جي صدر ثناءُ الله چنڙ، عبدالرحيم مهر، رمضان سومرو، خالد ماڪو، شفيق مسيح، ڏتو شيخ ۽ ٻين ملازمن طرفان شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ضلعي صدر مير عابد ڀٽو ۽ ٻين چيو ته مڪاني کاتي جي ملازمن سان ظلم و جبر جو سلسلو جاري آهي، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي مان ريٽائرڊ ٿيل 8 هزار ملازمن جا پينشن جي مد ۾ ڏهه ارب روپيا بقاياجات رهيل آهي ڪيترو عرصو گذرڻ باوجود ريٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي بقاجات جاري نه ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ريٽائرڊ ملازمن سخت پريشان آهن ۽ فاقه ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن پر مڪاني کاتي جي ڪامورن ۽ سنڌ حڪومت طرفان ڪوبه نوٽس نه ورتو پيو وڃي ريٽائرڊ ٿيل ملازم جيڪي ڪراچي ۾ مختلف آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر انهن جو تدارڪ وٺڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي، هنن چيو ته مڪاني کاتي سنڌ جي ملازمن جون پگهارون آن لائين نه ٿيڻ سبب مسئلا درپيش اچي رهيا آهن جيڪڏهن ملازمن جون پگهارون آن لائين هجن ها ته اڄ ريٽائرڊ ملازمن ائين دربدر نه هجن ها، ڇاڪاڻ ته ملازمن جي پگهارون ۽ پينشن جي مد ۾ سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪندڙ او زيڊ ٽي شيئر کي ڪامورا ۽ ڀوتار هڙپ ڪري ٿا وڃن ۽ ملازمن کي ڪٽوتي ٿيل پگهارون ڏيندا آهن جڏهن ته ريٽائرڊ ملازمن جي ته سموري پينشن ئي چٽ ڪري ٿا وڃن، پگهارون آن لائين ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ۽ ڌرڻا هنيا ويا پر سنڌ حڪومت طرفان صرف ٺلها آسرا ئي ڏيندي رهي آهي ۽ ملازمن جون پگهارون آن لائين ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن جا پئسا جاري نه ڪيا ويا ته سموري سنڌ ۾ احتجاج جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
KMC
DMC
Daharki
Protest
0 تبصرے