سکر جي گتا فيڪٽري ۾ جهيڙي دوران هڪ پورهيت بيدردي سان قتل، لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ويو

خيرپور جي ڳوٺ ٽنڊو نظر علي واسي ٻن مزدورن ۾ جهڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو

سکر جي گتا فيڪٽري ۾ جهيڙي دوران هڪ پورهيت بيدردي سان قتل، لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ويو

سکر جي گَتا فيڪٽري ۾ جهيڙي دوران هڪ پورهيت مارجي ويو، جوابدار سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڳوٺ ميانداد کوسو ۾ واقع گَتي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ٻن مزدورن ۾ جهيڙو ٿيو، پوليس موجب جوابدار مراد علي مري ساٿي پورهيت محمد نواز خاصخيلي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جوابدار کي گرفتارڪري مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، مقتول ۽ جوابدار خيرپور ويجهو ڳوٺ ٽنڊو نظر علي جا رهواسي آهن