ڊي آءِ جي حيدرآباد جي سجاول آمد، کليل ڪچهري ۾ عوامي شڪايتون ٻڌيون

سجاول ضلعو ڏوھي وارداتن جي لحاظ کان پوري سنڌ ۾ پھرئين نمبر تي اچي ويو آھي: پير محمد شاھ

ڊي آءِ جي حيدرآباد جي سجاول آمد، کليل ڪچهري ۾ عوامي شڪايتون ٻڌيون

سجاول (رپورٽر) سجاول ضلعو ڏوھي وارداتن جي لحاظ کان پوري سنڌ ۾ پھرئين نمبر تي اچي ويو آھي، عوامي شڪايتن تي کلي ڪچھري ڪري سجاول جي عوام جا مسئلا ڌڻ ۽ حل ڪرڻ آيو آھيان. ڏھن ڏينھن ۾ ڏوھن تي ضابطو نہ آندو ويو تہ لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.اھڙن خيالن جو اظهار ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاھ سجاول ۾ کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي ڪيو.ھن چيو تہ پوليس منشيات فروشن مٿان اک بند ڪئي آھي تڏھن ئي بدامنيءَ ۾ واڌارو آيو آھي.ھن سجاول پوليس کي ھدايت ڪئي تہ جيڪڏھن منٿليون ٿا وٺو تہ بند ڪريو، منشيات فروشن خلاف ڪاروايون ڪريو، ڦورن ھٿان ڦريل فريادين کي مطمئن ڪريو ٻي صورت ۾ پنھجو خير نہ سمجھو. ھاڻي آئي جي صاحب جون ٽيمون پورو مھينو منشيات فروشن خلاف سجاول ۾ ڪم ڪنديون ڪو بہ پوليس آفيسر يا اھلڪار منشيات فروشن جو سھولت ڪار ثابت ٿيو تہ اھو سزا لاءِ تيار رھي.ھن چيو تہ جيڪي منشيات جا وڏا ڊيلر آھن انھن کي پڪڙيو وڃي.جڏھن تہ ڏوھي وارداتن جي حوالي سنا ھڪ واٽس ال گروپ ٺاھيو ويندو جنھن ۾ ذمہ دار سياسي سماجي ماڻھن کي شامل ڪيو ويندو.ڪچھري ۾ آيل فريادين کي وڌيڪ فائدو ڏيڻ لاء ھن کين لاڳاپيل آفيسرن سميت پنھنجي آفيس اچڻ جو بہ چيو. ڊي آئي جي حيدرآباد جي کلي ڪچھري ۾ آيل عوام ايس ايس پي سجاول امداد حسين شاھ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. شھرين ايس ايس پي سجاول امداد شاھ کي منشيات فروشن، چورن ۽ ڦورون جو ساٿاري قرار ڏئي سندس بدلي جو مطالبو بہ ڪيو. کلي ڪچھري ۾ ڊي آئي جي حيدرآباد ضلع کائونسل سجاول جی چیئرمین دانش خان ملڪاڻي پاران مبينه طور اغوا ڪرايل رجب ميمڻ واري مامري جي جانچ اي ایس پی ماجدہ ھالیپوٽو کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ سجاول ۾ قتل ڪيل مقتول علو پارھيڙي جي قتل جي جانچ به بدين پوليس ڏانھن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.کلي ڪچھري ۾ اڳوڻو ضلعي ناظم شفقت حسين شاھ شيرازي ،نصيرشاھ شيرازي، ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پڻ موجود هئا