چمبڙ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو

2ڏينهن اڳ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن مان نعمان لغاري دم ڏئي ڇڏيو

چمبڙ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو

چمبڙ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن پاران چمبڙ ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ مال پڙي وٽ برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي زخمي ڪيو جن مان 22ورهين جي نعمان لغاري حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، واقعي کي 72 ڪلاڪ گذري ويا پر پوليس قاتل گرفتار نٿي ڪري، پوليس جو چوڻ آهي ته مک جوابدر حاجي شاهه محمد لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ٻيا جوابدار به جلد گرفتار ڪيا ويندا.