ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ سان پوليس آفيسرن ۽ شيعا اڳواڻن جي ملاقات

محرم دوران مجلسن ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ سان پوليس آفيسرن ۽ شيعا اڳواڻن جي ملاقات

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ محرم الحرام دوران امن و امان جي حوالي سان پوليس آفيسرن ۽ شيعا عالمن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. میٽنگ جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، بعد ۾ محرم الحرام جي دوران منعقد ٿيندڙ مجلسن ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. میٽنگ ۾ DSPs، SHOs شيعا علماء نائب صدر صوبي سنڌ جي مولانا رياض حسين الحسيني سميت چئني تعلقن جي متعلق شيعا اڳواڻن، مجلسن ۽ جلوسن جا پرمٽ هولڊر به پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ مجلسن ۽ جلوسن جي سڪيورٽي انتظامن سميت ممڪنہ خطرن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي صاحب سڀني شرڪت ڪندڙن کان الڳ الڳ مسئلا پڻ پڇا ۽ محرم الحرام دوران گذريل تجربن جي روشني ۾ بهتري لاءِ تجويزون پڻ غور هيٺ آيون. ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ سمورن عزادارن کي سيڪيورٽي جي حوالي سان فول پروف قدم کڻڻ ۽ هر ممڪن تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان فول پروف سڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏني ويندي. تمام امام برگاهن تي سينئر پوليس آفيسر سان گڏ ٿاڻي جي وڏي منشيءَ جي نگراني ۾ سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويندا. عزاداري جي جلوسن جي تمام رستن کي محفوظ ڪرڻ لاء خاص اقدامات کنيا ويندا. عورتن جي مجلسن تي ليڊيز پوليس اهلڪارن سان گڏ رضاڪاراڻي طور تي به مقرر ڪيون وينديون. ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ جيڪڏهن ڪو مشڪوڪ يا شرپسند ماڻهو امن کي خراب ڪري ٿو ته فوري رد عمل لاءِ ڪنٽرول روم، جهانگير بيس ۽ DIB برانچ ۾ خصوصي عملو موجود هوندو. ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ وڌيڪ چيو ته سبيلون ۽ لائوڊ اسپيڪر جي ذريعي شرپسند عناصر امن امان کي خراب ڪرڻ لاءِ حربا استعمال ڪندا رهندا پر سمورن امن پسند شهرين کي گهرجي ته اهڙين چالبازين تي ڌيان نه ڏين، تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙي عمل جو فوري طور تي انتظاميا کي اطلاع ڏنو وڃي. ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني صبر ۽ شڪر جو درس به ڏئي ٿي اسان سڀني کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ سمورن مڪاتب فڪر ۾ رواداري برقرار رکڻ گهرجي.