گورنر سنڌ سان چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي وفد جي ملاقات

6رڪني وفد ڪامران ٽيسوري سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي

گورنر سنڌ سان چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي وفد جي ملاقات

ڪراچي : سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان پاڪستان ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي 6 رڪني وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، وفد ۾ پاڪستان ويل چيئر ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر رخسانه راجپوت، ڪيپٽن محمد ذيشان، نائب ڪپتان سيد ارسلان احمد، ساجد علي عباسي، عمران امين ۽ وسيم الدين شيخ ۽ ٻيا شامل هئا، ان موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي ڪشور زهرا پڻ موجود هئي، ملاقات ۾ ويل چيئر ڪرڪيٽ جي فروغ، علائقائي سطح تي ٽورنامينٽ جي انعقاد، ويل چيئر ڪرڪيٽرن جي حوصلا افزائي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سنڌ جي گورنر چيو ته ويل چيئر ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ خوش آئند آهي، ويل چيئر ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته عالمي سطح جي رانديگرن کي تيار ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، وفد جو چوڻ هو تہ راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ گورنر سنڌ جو ويزن واضح آھي، ويل چيئر ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر چيو ته قومي ٽيم ايشيا ڪپ کٽيو، 2019 ۾ ۽ هاڻي سيپٽمبر ۾ ٻيو ايشيا ڪپ کيڏڻ لاء نيپال ويندا