سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جو وفد زيادتي بعد قتل ڪيل نشا ڪولهي جي وارثن وٽ پهتو

ڄام نواز علي کان مزدوري لاءِ آياسين تہ ظالمن معصوم نياڻي سان لڄالٽ ڪري کي قتل ڪري ڇڏيو: والدين

سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جو وفد زيادتي بعد قتل ڪيل نشا ڪولهي جي وارثن وٽ پهتو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي ھدايت تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد زينت سمون، الطاف خاصخيلي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، خادم سمون، نصرت خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ شيخ ڀرڪيو ڀرسان لڄالٽ بعد ڦاھو ڏئي قتل ڪيل نياڻي نشا ڪولھي جي وارثن پيءُ والجي ڪولھي ۽ ماءُ سيما ڪولھي ۽ ٻين عزيزن وٽ تڏي تي پھچي انصاف لاءِ مڪمل قانوني ۽ سياسي مدد جي خاطري ڪرائي. لڄالٽ بعد قتل ڪيل معصوم نياڻي نشا جي ماء سيما ۽ پيءُ والجي ڪولھي ٻڌايو تہ اسان ڄام نواز علي کان مزدوري لاءِ آياسين تہ ظالمن اسان جي معصوم نياڻي سان لڄالٽ ڪري ان کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. اسان کي ڌمڪايو پيو وڃي. اسان کي پئيسا نہ انصاف گھرجي. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون ڳالھائيندي چيو تہ جيڪڏھن نياڻين ۽ معصوم ٻارن جي قتل ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون اچن ھا تہ معصوم نشا ڪولھي سان ريپ ۽ ان جو قتل نہ ٿئي ھا. سنڌ م انصاف بدران جرڳائي نظام قائم آھي. الطاف خاصخيلي چيو تہ سنڌ کي نياڻين ۽ معصوم ٻارن جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. ڏوھاري وڏيرن ۽ سردارن وٽ فيصلن کانپوءِ قتل ڪيسن مان آجا ٿي وڃن ٿا جنھن ڪري معصوم نشا ڪولھي جھڙيون نياڻيون محفوظ ناھن ۽ اھي قتل ٿي رھيون آھن. نشا ڪولھي جي جوابدارن کي فوري طور گرفتار سخت سزا ڏني وڃي ۽ وارثن جي تحفظ ڏنو وڃي. جيڪڏھن پوليس معصوم نياڻي جو ڪيس خراب ڪرڻ ۽ قاتلن جي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو تہ معصوم نياڻي نشا ڪولھي جو قتل ظلم ۽ بربريت آھي. حڪمرانن جا به معصوم ٻار آھن، حڪمرانن کي سنڌ ۾ روزانو قتل ٿيندڙ نياڻين ۾ پنھنجون نياڻيون ڏسڻ گھرجن. سنڌ ۾ اقليتن، ھارين، مزدورن ۽ غريب جون عزتون ۽ زندگيون محفوظ ناھن، نياڻيون ۽ ٻارڙا اغوا ڪري لڄالٽ بعد قتل ڪيا وڃن ٿا. ظلم ۽ درندگي جي ھن نظام کي بند ڪيو وڃي.