English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ناليواري شاعر اديب بيباڪ صحافي شمشير الحيدريءَ جي 14هين ورسي ملھائي وئي
6 views
|
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
چوڪنڊي قبرستان ۾ شمشير الحيدري جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش، گلاب جا ٻوٽا بھ لڳايا ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي نامياري ليکڪ، شاعر، اديب، بيباڪ صحافي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدريءَ جي 14هين ورسي جي موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم ڪراچي ڊويزن پاران چوکنڊي قبرستان ۾ سندس مزار تي حاضري ڀري وئي. سنڌ ڪلچرل فورم جي عهديدارن ۽ ساٿين مرحوم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي ۽ سنڌ جي خوشحالي، امن ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون گهڙيون ان موقعي تي شمشير الحيدريءَ جي ادبي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن کي ياد ڪندي کيس شاندار لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين، اديب ۽ شاعر صادق لاکو، ڀٽائيءَ جي پارکو شفيع مرگهر، مشتاق خواجا، آفتاب گل عباسي، عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاهه، سينيئر صحافي سامي ميمڻ، عنايت علي شاهه، سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم جي صدر جمشيد زهراڻي، پير محبوب قريشي، ڪامريڊ وهاب گبول، سڄڻ انڙ ۽ ٻين اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ادب دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران شاعر ۽ صحافي جمشيد زهراڻي شمشير الحيدريءَ جي مشهور شاعري ۽ بيت پيش ڪري کيس ڀيٽا ڏني، جنهن تي شرڪت ڪندڙن پاران کيس ڀرپور داد ڏنو ويو. سنڌ ڪلچرل فورم جي اڳواڻ صادق لاکو اعلان ڪيو ته شمشير الحيدريءَ جي 14هين ورسيءَ جون تقريبون پنجن ڏينهن تائين جاري رهنديون ۽ 12 آگسٽ تائين مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي صادق لاکو پاران شمشير الحيدريءَ جي مزار جي احاطي ۾ گلاب جي گلن جا ٻوٽا پڻ پوکيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سلطان شاهه ساقي جي يارهين ورسي ۽ مشاعرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
صحافي شمشير الحيدريءَ
0 تبصرے