ملير ۾ سلطان شاهه ساقي جي يارهين ورسي ۽ مشاعرو

عوامي پريس ڪلب ۽ سنڌي ادبي سنگت ملير شاخ جي گڏيل سهڪار سان تقريب منعقد

ملير ۾ سلطان شاهه ساقي جي يارهين ورسي ۽ مشاعرو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نامياري صحافي، شاعر، استاد ۽ سماج سڌارڪ سلطان شاهه ساقي جي يارهين ورسي ۽ مشاعري جي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۽ سنڌي ادبي سنگت ملير شاخ جي گڏيل سهڪار سان عوامي پريس ڪلب ملير جي هائيڊ پارڪ ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ صحافين، اديبن، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن، دانشورن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب کان اڳ عوامي پريس ڪلب ملير ۽ سنڌي ادبي سنگت ملير شاخ جي وفد چوڪنڊي قبرستان پهچي سلطان شاهه ساقي جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجات لاءِ دعا گهري ورسي تقريب جي شروعات تازو لاڏاڻو ڪري ويل نامياري سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سردار اختر عارفاڻي جي وڇوڙي تي ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪري ڪئي وئي ان موقعي تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، پ پ اڳواڻ مير عباس ٽالپر، سينيئر صحافي وحيد مراد سيال، ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي، لجپت راءِ ۽ ٻين چيو ته سلطان شاهه ساقي رڳو هڪ صحافي يا شاعر نه، پر پورهيتن، مظلومن ۽ عام ماڻهن جي آواز جو نالو هو. هن پنهنجي قلم، فڪر ۽ عمل ذريعي سماج ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي مقررین چيو ته ساقي شاهه جي صحافت ۾ عوامي درد، شاعري ۾ مزاحمت ۽ شخصيت ۾ محبت، سادگي ۽ انسان دوستي نمايان هئي. هن صحافت کي روزگار بدران سماج جي خدمت ۽ حق جي ڳالهه ڪرڻ جو ذريعو بڻايو. سندس لکڻيون ۽ فڪري جدوجهد نئين نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن. سلطان شاهه ساقي جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آهي، پر سندس فڪر، قلم ۽ عوام دوست ڪردار اڄ به زنده آهن هنن چيو ته اهڙين شخصيتن کي ياد ڪرڻ جو مقصد رڳو ورسي ملهائڻ نه، پر سندن فڪر، جدوجهد ۽ ادبي ورثي کي اڳتي وڌائڻ پڻ آهي. سلطان شاهه ساقي پنهنجي دور ۾ صحافت، ادب ۽ سماجي شعور جي ميدان ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو ملير جي تاريخ جو اهم حصو آهي تقريب دوران سلطان شاهه ساقي جي زندگي، صحافتي خدمتن، ادبي سفر ۽ سماجي جدوجهد تي پڻ روشني وڌي وئي ۽ کيس زبردست لفظي ڀيٽا پيش ڪئي وئي تقريب ۾ علي مستوئي، دلبر بروهي، سامي ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ورسي تقريب جي ٻئي حصي ۾ شاندار مشاعرو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ناميارن شاعرن مجيب سنڌي، سيد غفور شاھ تقوي، اقبال شاهين، ياسر عرفات، زاهد راڄپر، اصغر باغي، سڪندر سرواڻ، امرتا ڏاهري، حاجي عالم شير گبول، قمبر ٻُٽ، جمشيد زهراڻي، جبار ”غريب“، گلاب رائي ۽ ٻين پنهنجي شاعري پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته خالق ڀٽي قومي گيت پيش ڪري شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو مشاعري دوران شاعرن پنهنجي شاعريءَ ذريعي محبت، ڌرتي، مزاحمت، پورهيتن جي درد ۽ سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ کي اجاگر ڪيو. محفل ۾ موجود شاعرن ۽ ادب دوستن سلطان شاهه ساقي جي ادبي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سندس ياد ۾ ٿيندڙ اهڙيون تقريبون سنڌ جي ادبي ۽ فڪري روايت کي زنده رکڻ جو ذريعو آهن