English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
113 views
|
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
برادري جي بااثرن گھر تي حملو ڪري پيرسن ڀاءُ کي تشدد ڪري رتورت ڪيو: نواز علي ھيلايو
ٺٽو(ڊر) ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو جي رھواسي پيرسن استاد نواز علي ھيلايو پنھنجي برادري جي بااثر ماڻھن جي زيادتين توڙي سندن گھر تي حملو ڪري سندس پيرسن ڀاء حاجي عمر ھيلايو کي سخت زخمي ڪري سندس سئوٽ محمد براھيم ھيلايو کي ڪينجھر پوليس ھٿان گرفتار ڪري لاڪپ ڪرائي کين ڏنل موتمار ڌمڪين خلاف ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ سندن برادري جي ڪجھ بااثر ماڻھن گذريل رات سندس گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري سندس پيرسن ڀاء حاجي عمر ھيلايو کي سخت زخمي ڪري کين موتمار ڌمڪيون ڏيئي سندس سئوٽ محمد ابراھيم ھيلايو کي ڪينجھر پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي ڪينجھر ٿاڻي تي لاڪپ ڪرائي وڌيڪ نقصان جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. پيرسن نواز علي ھيلايو چيو تہ سندس زخمي ڀاء حاجي عمر ھيلايو کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪرايو آھي، جتي سندس علاج جاري آھي، پر ڪينجھر پوليس سندن ڪيس داخل ڪرڻ توڙي سندن مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن چيو تہ علائقي جي معززين کي پڻ دانھون ڏنيون آھن، پر سندن ڪير بہ مدد ڪرڻ وارو ناھي، ھن چيو تہ حملو بہ مٿن ٿيو ۽ پوليس ماڻھون بہ سندن گرفتار ڪري اڃان بہ وڌيڪ کين بااثر حملي آورن جي چوڻ تي کين پريشان ڪري سندن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، جيڪي پنھنجي گھرن کان ٻاھر بہ نڪري نٿا سگھن ۽ کين وڌيڪ نقصان جو انديشو آھي، ھن ايس ايس پي ٺٽو، سيشن جج ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن گھرن تي ڪاھ ڪري سندس ڀاء کي زخمي ڪندڙ سمورن حمڪي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس بيگناھ گرفتار ڪيل سئوٽ محمد ابراھيم ھيلايو کي آزاد ڪري کين بااثر ماڻھن جي زيادتين مان نجات ڏياري تحفظ مھيا ڪرڻ سميت سندن ڪيس بااثر حملي آور جوابدارن خلاف داخل ڪري پوليس ۽ بااثر ماڻھن جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪرڻ سميت انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
02nd Sep 2026
•
سندھ
سافکو کی جانب سے بین الاقوامی وومین-آئی ایوارڈ کا جشن
01st Sep 2026
•
سندھ
لاڑکانہ: تین بچے پراسرار طور پر لاپتا، اہلِ خانہ پریشانی میں مبتلا
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد میں بارش نے تباہی مچا دی، سڑکیں تالاب کا منظر پیش کرنے لگیں، فوج تعینات
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
02nd Sep 2026
•
سندھ
سافکو کی جانب سے بین الاقوامی وومین-آئی ایوارڈ کا جشن
01st Sep 2026
•
سندھ
لاڑکانہ: تین بچے پراسرار طور پر لاپتا، اہلِ خانہ پریشانی میں مبتلا
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد میں بارش نے تباہی مچا دی، سڑکیں تالاب کا منظر پیش کرنے لگیں، فوج تعینات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳو
0 تبصرے