English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير مينارٽي اتحاد جو اجلاس، ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل جي مذمت
9 views
|
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ گلشن حديد ۾ موبائل شاپ تان ڦر، گڏاپ ۾ ڌرمداس ڪرپلاني جي گهر تي ڌاڙي ۽ ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل جي مذمت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير مينارٽي اتحاد جو اهم اجلاس مرڪزي جنرل سيڪريٽري سنتوش ڪمار ڀيل جي اڳواڻي ۾ رميش ڪمار هائوس، شاهه لطيف ٽائون ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مينارٽي ونگ سنڌ جي نائب صدر مکي اوڌا مل خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ رميش ڪمار اوڏ، سنديش ڪمار، ايشور لال ڀاڳڙي، سومار ڪولهي، سليم ڪولهي، گيانچند ڀيل، تماچي ڀيل، نعيم داس، ويرسي ڪڇي، ڪمبو ڪڇي، لڌا رام راٺوڙ، گوتم راٺوڙ، جان ٻائي، اشوڪ ڪمار، گهنشام، رتن ڀيل سميت ملير جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ ساٿين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ڪراچي ۾ تازو پيش آيل ٽن وڏين وارداتن، گلشن حديد ۾ موبائل شاپ تان ڦر، گڏاپ شهر ۾ ڌرمداس ڪرپلاني جي گهر تي ڌاڙي ۽ ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ملير مينارٽي اتحاد جي اڳواڻن انتظاميا کي خبردار ڪندي چيو ته گڏاپ ٽائون ۾ ٿيل واردات خلاف اڃا تائين ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هنن ٽن ڏينهن جو الٽي ميٽم ڏيندي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته هزارين ماڻهن جي شرڪت سان سپر هاءِ وي بند ڪري تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
21st Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کا سینئر رکن سہیل سانگی کے صاحبزادے کی گمشدگی پر شدید تشویش کا اظہار
21st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڦل شهر زندگي زهر - مسئلن ۾ ڦاٿل ڦل شهر
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ اُرڙي وگھي ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت، گھر ۾ ڪھرام متل
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ آغا سجاد ميمڻ جي موبائيل شاپ تي مبينا حملو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پلي جي شڪار ۾ اضافو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف علائقي واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير مينارٽي اتحاد جو اجلاس، ڊاڪٽ
0 تبصرے