عيدالاضحي جي حوالي سان ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جو اجلاس

عيدالاضحيٰ جي ٽنهي ڏهاڙن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي: ميونسپل چيئرمين نذير احمد ڀٽو

عيدالاضحي جي حوالي سان ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جو اجلاس

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) عيدالاضحي جي حوالي سان ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري ڪراچي جو اجلاس چيئرمين نذير احمد ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ٽائون ميونسپل ڪمشنر بابر علي منگراڻي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين ابراهيم حيدري ٽائون نذير احمد ڀٽو چيو ته عيدالاضحيٰ جي ٽنهي ڏهاڙن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي شهرين پاران سنت ابراهيمي جي حوالي سان جانورن جي ڪيل قرباني وارن هنڌن تان گند ڪچرو فوري طور تي کنيو وڃي ۽ عيد کان اڳ عيدگاهن جي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي. عيدالاضحيٰ جي ٽنهي ڏهاڙن دوران مقرر ڪيل هنڌن تي عملو موجود رهي ۽ جتي به اطلاع ملي فوري طور عملو پهچي گند ڪچرو کڻائي قرباني وارن هنڌن کي صاف سٿرو ڪرايو وڃي. نذير احمد ڀٽو چيو ته ابراهيم حيدري ٽائون جي تعمير نو جو عزم کڻي پنهنجي خدمت جو سفر شروع ڪيو آهي اسان جو اصل مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي عوامي کي رليف ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن. چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن نذير ڀٽو اجلاس ۾ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان ٽائون جي آفيسرن ۽ ملازمن کي هدايتون ڏيندي چيو ته لاڳاپيل آفيسر ڪائونسلرن سان رابطي ۽ تعاون کي يقيني بڻائين. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي آپريشن جي حوالي سان هر يوسي ۾ گاڏين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، سينٽري انسپيڪٽر چونڊيل نمائندن سان رابطي ۾ رهن. عيدالاضحيٰ تي آپريشن دوران ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، سالڊ ويسٽ ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو. صفائي واري عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ نيون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ ميمبرن سان صلاح مشورو ڪري ڪائونسل ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو، اجلاس ۾ رين ايمرجنسي پلان تي پڻ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، مون سون جي امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظامن جي حوالي سان چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن نذير احمد ڀٽو لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته برساتي نالن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ميونسپل ڪمشنر بابر علي منگراڻي، ٽرانزيڪشن آفيسر، ڪائونسل ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسرن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.