English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ مان افغانين سميت سمورن غير قانوني پرڏيھين کي واپس ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو
58 views
|
26th Jun 2023
•
سنڌي خبرون
افغانين سميت سڄي دنيا مان غير قانوني پرڏيھي آڻي انھن کي سنڌ ۾ رھايو ويو آھي جيڪا ڌرتي ڌڻين خلاف سازش آهي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ مان افغانين سميت سمورن غير قانوني پرڏيھين کي واپس ڪيو وڃي. حڪمران ٻڌائين تہ غير قانوني پرڏيھين کي واپس موڪلڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڇو عمل نٿو ڪيو وڃي. عالمي سامراجي طاقتن اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنائي ڇڏيو آھي ۽ افغانين سميت سڄي دنيا مان غير قانوني پرڏيھي آڻي انھن کي سنڌ ۾ رھايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيھي نہ رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن مان ڪيترائي ڪراچي، لاھور، پشاور، ڪوئيٽا، پنڊي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌماڪن ۽ دھشتگردي ۾ ملوث آھن. اڪثر شھرن ۾ غير قانوني پرڏيھي پنھنجون الڳ ڪالونيون قائم ڪري ويٺل آھن، جتي مقامي پوليس بہ داخل نٿي ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي، بلڪہ اھي ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا. غير قانوني افغاني اھي اسانجي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي دنيا ۾ ٻاھران ايندڙ ماڻھن لاءِ الڳ قانون آھي، اھي اتي جي سياست، نوڪرين، وسيلن تي ائين حملي آور ۽ قابض نٿا ٿين جيئن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ٻاھران ايندڙ پرڏيھي اسان جي ملڪ جي قانون جو ڌڄيون اڏائي رھيا آھن. ڪھڙو شھر آھي جتي منشيات نٿي ملي ۽ غير قانوني ھٿيارن جو ڪاروبار ناھي. سعودي عرب ۾ پاڪستان سميت ڪنھن ٻي مسلمان ملڪ جي ماڻھو کي شھريت، ملڪيت يا مستقل نوڪري حاصل ڪرڻ جي اجازت ناھي. رڳو پاڪستان ۽ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ يتيم خانو ناھي، غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي واپس ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ayaz
Latif
Palijo
QAT
Hyderabad
0 تبصرے