صوبائي وزير ساجد جوکيو پاران ٻارن جي گهريلو مزدوري نامنظور مهم جو افتتاح

سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سنڌ ۾ ٻارن جي حق ۽ تحفظ لا۽ ڪم ڪري رهي آهي: محمد ساجد جوکيو

صوبائي وزير ساجد جوکيو  پاران ٻارن جي گهريلو مزدوري نامنظور مهم جو افتتاح

گڏاپ(محمد علي خاصخيلي)ڪراچي سماجي ڀلائي کاتي واري صوبائي وزير سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي چيئرمين محمد ساجد جوکيو ٻارن جي گهريلو مزدوري نامنظور مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو, ان موقعي تي 200 کان وڌيڪ رڪشن تي ٻارن جي گهريلو مزدوري نامنظور جا پينافليڪس لگائي رڪشه مهم جو آغاز ڪيو ويو, آخر ۾ صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ ايل آر ايف جي اڲواڻن مهم جو افتتاح کانپو۽ واڪ به ڪيو, ان موقعي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سنڌ ۾ ٻارن جي حق ۽ تحفظ لا۽ ڪم ڪري رهي آهي اڄ ٻارن جي گهريلو مزدوري نامنظور مهم جو آثاز ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام کي آگاهي حاصل ٿي سگهي, هن وڌيڪ چيو ته اينٽي ڊرگ جي آگاهي لا۽ پروگرام ڪرڻ جي ضرورت آهي, ڊرگ جو استعمال ڪندڙ نوجوانن جا والدين کي به آگاهي جي ضرورت آهي جنهن لا۽ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ ضروري آهي, ٻئي طرف صوبائي وزير محمد ساجف جوکيو ايس وائي ايم ويلفيئر فائونڊيشن پاران منعقد اينٽي ڊرگ سيمنار ۾ شرڪت ڪئي, تقريب ۾ صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو کي اجرڪ جي سوکڙي ۽ يادگار شيلڊ پيش ڪئي وئي