ڪيمپن ۾ 800 کان وڌيڪَ مريضن جو علاج ڪري کين دوائون ڏنيون ويون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي جي پسمانده ٻهراڙي وارن چئن مختلف ڳوٺن ۾ مفت طبي ڪيمپون قائم ڪري 800 کان وڌيڪَ مريضن جو مفت طبي معائنو، مختلف بيمارين جون جاچون ۽ ضروري دوائون فراهم ڪيون ويون، جن ۾ وڏي اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي رهي، خبر موجب خان صاحٻ عطا محمد پلي ۽ ڪونجهيلي/صاڀو جي حدن اندر واقع ڳوٺن ميان ٻانڊي، گل محمد پلي، گهموري ۽ عيسيٰ منگريو ۾ اوِيئر (ايسوسيئيشن فار واٽر، اپلائيڊ ايجوڪيشن اينڊ رينيوبل انرجي) اويئر پاران پاڪستان پاورٽي اليويئيشن فنڊ جي مالي سهڪار سان “سماجي خدمتن جي بحالي ۽ موسمياتي مزاحمت” منصوبي تحت اهي طبي ڪيمپون قائم ڪيون ويون، جتان سوين غريب ۽ مستحق خاندانن فائدو حاصل ڪيو، انتظاميه موجب ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم پاران ڪل 800 مريضن جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو ويو، جن ۾ 410 عورتون، 215 ٻار ۽ 175 مرد شامل هئا. طبي ماهرن پاران غذائي کوٽ، رت جي ڪمي، گڙدن جي پٿري، چمڙي جون بيماريون، وڌيل رت جو دٻاءُ، پيشاب جي تڪليفن ۽ ساهه جي بيمارين سميت مختلف موسمي ۽ پراڻين بيمارين جو مفت علاج ڪيو ويو، جڏهن ته موقعي تي رت جي دٻاءَ سميت ٻين ضروري جاچن جو به اهتمام ڪيو ويو، صحت ۽ غذائيت جي ماهر ڊاڪٽر نجمه چيو ته هن مهم جو بنيادي مقصد ٻهراڙيءَ جي عورتن ۽ ٻارڙن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ بنيادي صحت جون سهولتون سندن درن تائين پهچائڻ آهي، جيئن معاشي، سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن سبب علاج کان محروم رهندڙ ماڻهن کي بروقت طبي سهولتون ملي سگهن، ڊاڪٽر حفيظ احمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيمپ دوران وڏي انگ ۾ مرد مريض چمڙي جي الرجي، گندي پاڻي سبب پيٽ جي بيمارين ۽ سخت جسماني محنت سبب جوڙن جي پراڻن سورن ۾ مبتلا نظر آيا، جن کي فوري علاج ۽ طبي صلاحون ڏنيون ويون، رجب علي سميجو موجب موسمي تبديلين، غير يقيني موسمي حالتن ۽ گذريل ٻوڏن سبب مقامي ماڻهن جي صحت ۽ روزگار تي گهرا اثر پيا آهن، جڏهن ته معاشي بحران سبب ماڻهو خانگي علاج يا شهرن تائين سفر جا خرچ برداشت ڪرڻ کان به لاچار بڻجي ويا آهن، مقامي سماجي اڳواڻن هن انساني خدمت کي ساراهيندي چيو ته موجوده مهانگائي جي دور ۾ ڳوٺاڻن لاءِ گهر جو خرچ هلائڻ سان گڏ علاج ڪرائڻ وڏو مسئلو بڻيل هو، پر ڳوٺن ۾ ئي مفت علاج، جاچن ۽ دوائن جي فراهمي غريب خاندانن لاءِ وڏي راحت ثابت ٿي آهي.
0 تبصرے