اختيار وفاق کي نه پر ضلعن کي ملڻ گهرجن: ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو

ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو وفاقي سطح تي صوبائي اختيارن ۾ گهٽتائي واري سوچ کي رد ڪري ڇڏيو

اختيار وفاق کي نه پر ضلعن کي ملڻ گهرجن: ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو

ٺٽو (شفيق ڀٽي)پ پ پ سنڌ جو صوبائي اڳواڻ ۽ اڳوڻو ايم اين اي ٺٽو ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو وفاقي سطح تي صوبائي اختيارن ۾ گهٽتائي يا انهن کي مرڪز حوالي ڪرڻ واري سوچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪي نظام جي بهتري لاءِ اها ڳالهه ضروري ناهي ته صوبن جا اختيار وفاق کي ڏنا وڃن، پر ان جي ضرورت آهي ته اهي اختيار ضلعن تائين پهچايا وڃن ته جيئن مقامي سطح تي مسئلا حل ٿي سگهن. ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو موجب، اختيارن جي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ سان انتظامي مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون، ان ڪري 18 هين ترميم جي روح موجب صوبن کي مليل اختيارن کي اڃا وڌيڪ هيٺاهين سطح تائين وٺي وڃڻ گهرجي. هن چيو ته ضلعن کي بااختيار بڻائڻ سان ئي تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جا فائدا سڌي ريت عوام تائين پهچي سگهن ٿا. وفاقيت جي سوچ اسان جي ملڪ کي ڪمزور ڪيو آهي. اسان کي ٻه قدم اڳتي وڌي صوبن ۽ ضلعن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، نه ڪي اهڙا ڪم ڪرڻ گهرجن جنهن سان اسان جو ملڪ ڪمزور ٿئي. 18 هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اسان جو ملڪ مضبوط ٿئي. جڏهن پاڪستان ٺهيو هو ته چيو ويو هو ته 1940ع جي قرارداد تحت صوبائي خودمختياري ڏني ويندي، پر ائين نه ٿيو، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته شايد مشرقي پاڪستان اسان کان ڌار نه ٿئي ها. پاڪستان جي صدر جناب آصف علي زرداري وڏو دل ڪري 18 هين ترميم پاس ڪرائي جنهن سان پاڪستان مضبوط ٿيو، پر جيڪڏهن هاڻي 18 هين ترميم کي واپس ورتو (رول بيڪ ڪيو) ويو ته اهو پاڪستان جي سلامتي تي حملو هوندو. ان ڪري حڪومتِ پاڪستان کي گهرجي ته اها اهڙو ڪو به ڪم نه ڪري جنهن سان اسان جو ملڪ ڪمزور ٿئي