ڪورنگي ڪراسنگ بند ڀرسان پوليس جي مبينا مقابلي دوران ايلمن مسيح مارجي ويو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر 17-A منگل بازار ڀرسان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو۔ فوتي جي سڃاڻپ 17 ورهين جي فيضان ولد عرفان طور ٿي آهي۔ حادثي بعد لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ ٻئي طرف لانڍي جي علائقي حسيني چورنگي مولا مدد قبرستان ڀرسان فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو۔ زخمي جي سڃاڻپ 25 ورهين جي غني حسين ولد عمر حسين طور ٿي، جنهن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ هوڏانهن ڪورنگي ڪراسنگ بند ڀرسان پوليس مقابلي دوران هڪ مبينا ڏوهاري زخمي ٿي پيو۔ ذريعن موجب زخمي ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ 25 ورهين جي ايلمن مسيح ولد يوسف مسيح طور ڪئي وئي، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ساڳئي رات اسٽيل ٽائون لنڪ روڊ بلوچ هوٽل ڀرسان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ معمر پيادل فوت ٿي ويو۔ فوتي جي عمر لڳ ڀڳ 65 سال ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته سندس سڃاڻپ فوري طور نه ٿي سگهي۔ لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ان کان علاوه لانڍي دائود چورنگي ريلوي ٽريڪ تي ٽرين جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو۔ فوتي جي سڃاڻپ 65 ورهين جي ذوالفقار ولد انور علي طور ٿي آهي۔ لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ سمورن واقعن بابت لاڳاپيل ٿاڻن تي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪن ۽ ريلوي ٽريڪ عبور ڪرڻ دوران احتياط ڪن۔
0 تبصرے