English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ايس ايس اي آءِ پي تحت ڪميونٽي سان صلاح مشورو
144 views
|
15th May 2026
•
سنڌي خبرون
مشاورتي سيشن ۾ ڇوڪرين لاءِ محفوظ ۽ جامع اسڪولي ماحول تي زور ڏنو ويو
نوشهروفيروز(ڊ ر)ايس ايس اي آءِ پي تحت تعلقا نو شھروفيروز ۾ ڪميونٽي سان صلاح مشورو، ڇوڪرين لاءِ محفوظ ۽ جامع اسڪولي ماحول تي زور .سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پراجيڪٽ (SSEIP)، جيڪو ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) جي مالي ۽ فني سهڪار سان حڪومتِ سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران هلندڙ هڪ اهم تعليمي سڌارن وارو پروگرام آهي، صوبي ۾ سيڪنڊري تعليم جي معيار ۾ بهتري، اسڪولي ڍانچي جي مضبوطائي ۽ تدريسي نظام ۾ جدت آڻڻ لاءِ سرگرم آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مدرسا هائي اسڪول ۾ ڪميونٽي مشاورتي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڇوڪرين لاءِ محفوظ، رسائي لائق ۽ سازگار تعليمي ماحول بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.مشاورتي ويهڪ ۾ سياسي شخصيتن، ضلعي تعليم کاتي جي عملدارن، اسڪول مينيجمينٽ ڪاميٽي (SMC) جي ميمبرن، والدين خاص طور تي مائرن، نوجوان برادري جي نمائندن، شاگردياڻين، استادن ۽ ٻين مقامي اسٽيڪ هولڊرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن زور ڀريو ته اسڪولن جي ڊزائن ۽ سهولتن ۾ صنفي حساسيت کي بنيادي حيثيت ڏني وڃي، جيئن ڇوڪريون بغير ڪنهن خوف يا رڪاوٽ جي تعليم حاصل ڪري سگهن. پي آءِ يو ايس ايس اي آءِ پي جي جينڊر اسپيشلسٽ مس فخرالنساءِ قمر ڀنڀرو سيشن دوران صنفي ضرورتن مطابق اسڪولي ڍانچي جي اهم پهلوئن تي روشني وڌي. هن چيو ته محفوظ چارديواري، ڇوڪرين لاءِ الڳ ۽ فعال صفائي جون سهولتون، جسماني طور خاص يا معذور شاگردن لاءِ آسان رسائي جا رستا، مناسب روشني ۽ هراسانگي يا صنفي مسئلن بابت محفوظ شڪايت جو نظام هڪ جامع ۽ بااعتماد تعليمي ماحول لاءِ لازمي عنصر آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس اي آءِ پي جو مقصد رڳو عمارتون تعمير ڪرڻ نه، پر اهڙو تعليمي ماحول قائم ڪرڻ آهي جتي ڇوڪريون ۽ پسمانده شاگرد محفوظ ۽ بااعتماد نموني تعليم حاصل ڪري سگهن. پروگرام ذريعي ڪميونٽي جي شموليت ۽ مالڪي کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي، ته جيئن اسڪولن جي ترقياتي رٿابندي مقامي ضرورتن سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. سيشن جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن پروگرام کي ساراهيندي پنهنجي ڌيئرن جي داخلا ۽ حاضري وڌائڻ لاءِ وڌيڪ محفوظ ۽ جامع اسڪولي ماحول قائم ڪرڻ جي حمايت جو اظهار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ ايس ايس اي آءِ پي ت
0 تبصرے