English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڀيڙيو لالا ٻاھ واقعي خلاف ڀيل برادري جو احتجاج، ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل
173 views
|
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (ڊ ، ر ) ڀيڙيو لالا ٻاھ جي رهواسي ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ مردن، عورتن، نوجوانن ۽ بزرگن زخمين سان گڏ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جنهن بعد احتجاج ڪندڙن ميرپورخاص عمرڪوٽ مين روڊ تي رسا ٻڌي روڊ مڪمل طور بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿيو، مظاهرين جي اڳواڻي لاکو ڀيل، موتي ڀيل، چيتن آسن ۽ مولچند ڀيل ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندن ڳوٺ ڀيڙيو لالا ٻاھ ۾ ٻنيءَ تي کيڙي دوران مخالف ڌر جي ماڻهن هٿياربند حملو ڪري امولک ڀيل، موتي ڀيل ۽ سروڻ ڀيل کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين کي انصاف جي اپيل لاءِ پاڻ سان گڏ احتجاج ۾ آندو ويو، مظاهرين وڌيڪَ چيو ته واقعي ۾ ملوث عمر ڀيل، رامچند ڀيل، شريف ۽ گيان سميت 15 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، پر باوجود ان جي سٽي پوليس عمرڪوٽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب متاثر خاندان پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي، احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي، هوڏانهن روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڀيڙيو لالا ٻاھ
ڀيل برادري جو احتجاج،
0 تبصرے