ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)ناريجا ڳوٺ مڪلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنھور ۽ ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين پير زين العابدين جيلاني جي مان ۾ ناريجا برادري ۽ علائقي جي معززين پاران شاندار آجياڻي تقريب منعقد. تقريب دوران بابو اسماعيل ناريجو ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين پير زين العابدين جيلاني کي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌرايو، جڏهن ته محمد حسين ناريجو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنھور کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو۔ ان موقعي تي ٻين مهمانن ۽ معززين کي پڻ سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻپ اجرڪون اوڍايون ويون۔ تقريب ۾ عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون سميت مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي، جڏهن ته مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪندڙن ۾ وڏيرو عبدالله ناريجو، دلدار ناريجو، نظير ناريجو، نور دين ناريجو، ڪامران ناريجو، شعيب ناريجو ۽ لالڻ ناريجو شامل هئا، جن آيل مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو۔ ان موقعي تي ناريجا ڳوٺ، ٻاپڙا موري، ڳوٺ حاجي سومار ناريجو ۽ حاجي کمون ناريجو سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنھور چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جي خدمت واري سياست ڪئي آهي ۽ ناريجا برادري سميت علائقي جي ماڻهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو۔ هن چيو ته پارٽي قيادت جي ويزن تحت ترقياتي ڪم جاري رکيا ويندا ۽ علائقي جي هر جائز مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو۔ ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين پير زين العابدين جيلاني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هو پنهنجي وس آهر ڀرپور ڪوششون ڪندا ته انهن ڳوٺن ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمون آڻي روڊ، نيڪال، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جا ڪم ڪرايا وڃن ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي۔ علائقي واسين مهمانن جو ٿورائتو ٿيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندن علائقن جي ترقي لاءِ جلد عملي قدم کنيا ويندا۔
0 تبصرے