عمرڪوٽ ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا جي گڏيل سهڪار سان تربيتي پروگرام منعقد

تربيتي پروگرام ۾ سينيئر وڪيل ۽ ٽرينر احمبر مجيد شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي تربيت فراهم ڪئي

عمرڪوٽ ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا جي گڏيل سهڪار سان تربيتي پروگرام  منعقد

عمرڪوٽ ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا جي گڏيل سهڪار سان تربيتي پروگرام منعقد عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ عمرڪوٽ ۽ سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا جي گڏيل سهڪار سان “هڪ روزه تربيتي پروگرام” منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد سرڪاري ملازمن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن کي مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961ع ۽ شادي شده عورتن جي حقن جي تحفظ بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو، ان موقعي تي تربيتي پروگرام ۾ سينيئر وڪيل ۽ ٽرينر احمبر مجيد شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي تربيت فراهم ڪئي، هن مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961ع جي مختلف شقن، نڪاح جي رجسٽريشن، عورتن جي قانوني حقن، خانداني معاملن جي حل ۽ قانون تي مؤثر عملدرآمد بابت آگاهي ڏيندي چيو ته معاشري ۾ عورتن جي حقن جو تحفظ ۽ کين قانوني سهولتن جي فراهمي انتهائي ضروري آهي، هن وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ۽ عملدار عوام کي بهتر رهنمائي فراهم ڪري عورتن جي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ هريش چندر کتري، مختلف يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين، پوليس کاتي جي آفيسرن، اطلاعات کاتي عمرڪوٽ جي ملازمن، سوشل ويلفيئر کاتي عمرڪوٽ، وومين ڊولپمينٽ کاتي، صحت کاتي، تعليم کاتي عمرڪوٽ، سماجي تنظيم سي ڊبليو ايس اي جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر شهاب الدين، پروجيڪٽ مينيجر نريش ناٿ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن تربيتي پروگرام ۾ ڀرپور دلچسپي وٺندي مختلف سوال پڻ ڪيا، جن جا تفصيلي جواب فراهم ڪيا ويا، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن هن تربيتي پروگرام کي انتهائي فائديمند قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي آگاهي ۽ تربيتي سرگرمين سان ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي ۽ عوام کي بروقت ۽ مؤثر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پروگرام جي پڄاڻي تي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ قانون تي مڪمل عملدرآمد جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن کي تربيت مڪمل ڪرڻ بابت سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا۔