ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ پوليس ڪارروائي ڪندي گٽڪا ماوا ۽ سوپاري جي ڪاروبار ۾ ملوث انتهائي گهربل +A ڪيٽيگري جي لسٽڊ جوابدار سيف الله عرف سيفي ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو۔ ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق موجب جوابدار ملير، ٺٽو ۽ سجاول تائين گٽڪا ماوا ۽ ڇاليه جي فراهمي جو مرڪزي ڪردار هو ۽ ميمڻ ڳوٺ جي مختلف علائقن ۾ ڳجهي نموني مضر صحت شيون وڪرو ڪندو هو۔ پوليس خفيه اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽان گٽڪا ماوا جي وڪري مان حاصل ٿيل رقم پڻ هٿ ڪئي وئي۔ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ سيف الله ولد نصرالله طور ٿي آهي، جڏهن ته سندس خلاف گٽڪا ماوا ايڪٽ تحت ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔
0 تبصرے